Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

Book Name:Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

برڪتون آهن۔ اسان ٻُڌو ته رمضان المبارڪ جي فرض روزن کان پوءِ سڀ کان افضل شعبان جا روزا آهن، اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن مبارڪ مهيني ۾ نفلي روزا رکڻ گھڻو پسند ڪندا هئا، لهٰذا اسان کي به گھرجي ته پنهنجي پياري آقا، سردارِ انبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پيروي ۾ شَعبَانُ المُعَظَّم جا خوب روزا رکون ۽ هن پياري پياري سُنّت تي عمل جو ثواب حاصِل ڪريون۔ علَّامه اِبنِ رجب حنبلي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: شعبان رمضان جي روزن جي مشق (Exercise) جو مهينو آهي. (لطائِفِ مَعَارِف، صفحہ:186)

 

عام طور ائين ٿيندو آهي ته رمضان المبارڪ جي ابتدائي ڏينهن ۾ روزا رکڻ ٿورا ڏکيا لڳندا آهن، پوءِ آهسته آهسته روزن جي عَادَت ٿيڻ لڳندي آهي، پوءِ جڏهن روزن جي بَرَڪت سان دِل پاڪ ٿيندي آهي ۽ روزن جي لذَّت اچڻ شروع ٿيندي آهي، ان وَقت تائين رمضان المبارڪ الوداع چئي، سڄي سال جي جُدائي ڏئي موڪلائي هليو ويندو آهي، جيڪڏهن اسان شَعبَانُ المُعَظَّم ئي کان نفلي روزن جي ابتداء ڪريون ته رمضان اچڻ تائين دِل جي اها ئي ڪيفيت ٿي چڪي هوندي جيڪا عام طور تي رمضان جي آخر ۾ ٿيندي آهي، اهڙي طرح رمضان شريف جي شروع ٿيڻ سان ئي روزن ۾ لذّت ايندي ۽ نتيجي طور اِن شَآءَ الله الڪريم! رمضان المبارڪ اسان جي جھولي ۾ تقويٰ ۽ پرهيز گاري جي سَوغات ڏئي ڇڏيندو۔

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ رَجَب ۽ شعبان جي روزن جي بهار هوندي آهي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! مختلف هنڌن تي سحري اجتماعن جي به ترڪيب ٿيندي آهي، مَاشَــآءَالـلّٰـه! ڪيئي عاشقانِ رسول انهن ٻنهي مهينن ۾ ڪثرت سان روزا رکندا آهن ۽ مسلسل روزا رکندي اهي رمضان المبارڪ سان مِلي ويندا آهن۔ الله پاڪ اسان سڀني کي اهڙي توفيق نصيب فرمائي۔ اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم