Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

Book Name:Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

(4):شَعبَانُ المُعَظَّم جي چوٿين اهم عبادت: استغفار

چوٿين اَهم عِبَادت جيڪا شَعبَانُ المُعَظَّم ۾ ڪرڻ گھرجي اها ”تَوبَه ۽ اِستِغفَار“ آهي، هن جي حڪمت اها آهي ته شَعبَان جيترو باعظمت آهي، اوترو وڌيڪ نازُڪ به آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشِمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هي اهو مهينو آهي جنهن کان ماڻهو غافِل آهن جڏهن ته هن مهيني ۾ ماڻهن جا عمل رَبُّ العالمين جي بارگاھ ۾ پيش ڪيا ويندا آهن۔ (مسندِ اَحْمَد، جلد:36، صفحہ:85، حدیث:21753) انهيء مهيني ۾ ملڪ الموت عَلَيۡهِ السَّلام کي اُنهن سڀني جي فهرست ڏني ويندي آهي، جن جو ايندڙ سال رُوح قبض ڪيو ويندو۔ (جامع صغیر، صفحہ:369، حدیث:5964)

انهيءَ مُبَارَڪ مهيني جي پندرهين رات بابت حديثن ۾ آهي ته الله پاڪ هن رات بَنُو ڪلب جي ٻڪرين جي وارن جي برابر ماڻهن جي مغفرت فرمائي انهن کي جهنّم کان آزاد فرمائي ڇڏيندو آهي۔ (الترغیب والترہیب، کتاب:الصوم، باب:الترغیب فی صوم شعبان، صفحہ:351، حدیث:11) بَنُو ڪلب عرب جو هڪ قبيلو هو، ڪتَابن ۾ اچي ٿو: تمام عَرَب جي قبيلن ۾ بَنُو ڪلب قبيلو سڀني کان وڌيڪ ٻڪريون پاليندو هو۔ ڇو ته شَعبَانُ المُعَظَّم ۾ ايتري ڪثرت سان ماڻهن جي مغفرت ڪئي ويندي آهي، ان ڪري تلقين ڪئي وئي آهي ته شَعبَانُ المُعَظَّم ۾ ڪثرت سان توبه، استغفار ڪيو وڃي، ٿي سگھي ٿو ته اسان جڏهن پنهنجي گُنَاهن کان شرمسار ٿي، وڏي چاھ سان جھولي ڦھلائي بارگاھ الٰهي ۾ مغفرت جي خيرات گھري رهيا هونداسين ته درياءِ رَحمت جوش ۾ اچي وڃي ۽ هن مُبَارَڪ مهيني ۾ بخشيل ماڻهن جي فهرست ۾ اسان جو به نالو شامِل ڪيو وڃي۔ ان ڪري اسان کي گھرجي ته هن موقعي کي غنيمت سمجھون، هن مان فائدو کڻون ۽ روئي روئي، ٻاڏائي وڏي عاجزي ۽ انڪساري سان بارگاھ الٰهي ۾ مغفرت ۽ بخشش جو سُوال ڪريون ۽ گُنَاهن جي مُعَافِي گھرون۔

اهو به ياد رهي ته ”اِستِغفَار“ شعبان ئي سان خاص نه آهي بلڪه اِستِغْفَار مستقل عبادت آهي۔ الله پاڪ جي حبيب، دِلين جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن