Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

Book Name:Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

فرمايو: بيشڪ لوھ جيان دِلين کي به زنگ لڳي ويندو آهي، پوءِ ان جي صَفائي اِستِغفار سان ٿيندي آهي۔ (مجمع الزوائد، کتاب التوبہ، باب ما جاء فی الاستغفار، جلد:10، صفحہ:250، حدیث:17575)

 

هڪ حديثِ پاڪ ۾ اِرشاد آهي: جنهن اِستِغفار کي پاڻ تي لازِم ڪري ورتو، الله پاڪ ان کي هر غم کان نجات ڏئي ڇڏيندو، ان جي هر مشڪل آسان فرمائيندو ۽ ان کي اهڙي هنڌان رزق عطا فرمائيندو، جتان ان جو گمان به نه هوندو۔ (ابن ماجہ، کتاب ادب، باب الاستغفار، صفحہ:612، حدیث:3819)

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

      پيارا اسلامي ڀائرو! اِستِغفَار جي معني آهي: الله پاڪ کان مغفرت جو سُوال ڪرڻ. حديث ۾ اِستِغفَار جا مختلف الفاظ بيان ڪيا ويا آهن، ”اَسْتَغْفِرُ اللہ، اَسْتَغْفِرُ اللہ“ پڙھڻ به استغفار آهي، ان کان عِلاوه اسان پنهنجي مادري زبان ۾ ”يا الله! مون کي مُعَاف فرما، الٰهي! منهنجا گُنَاھ بخشي ڇڏ“ وغيره پڙھي به استغفار ڪري سگھون ٿا۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه الله پاڪ استغفار ۾ وڏي طاقت رکي آهي۔ هڪ ڀيري امام حَسَن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وٽ هڪ شخص آيو ۽ برسات نه ٿيڻ جي شڪايت ڪئي، پاڻ فرمايائون: استغفار ڪر! ٻيو شخص آيو، ان تنگ دستي جي شڪايت ڪئي، پاڻ ان کي به فرمايائون: استغفار ڪر۔ ڪجھ دير کان پوءِ ٽيون شخص آيو، ان حُصُولِ اَولاد جي لاءِ عرض ڪيو، ان کي به فرمايائون: استغفار ڪر۔ ڪجھ ئي دير گذري هئي، چوٿون شخص آيو، ان پيدوار جي ڪمي جي شڪايت ڪئي، پاڻ ان کي به استغفار جو حڪم ڏنو۔ حضرت ربيع بن صبيح رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اتي حاضِر هئا، انهن عرض ڪيو: عالي جاھ! ڪجھ ماڻهو آيا، سڀني جدا جدا حاجتون ٻڌايون پر اوهان سڀني کي هڪ ئي وظيفو ٻڌايو، ان جو سبب ڇا آهي؟ ان جي جواب ۾ امام حسن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سيپاري 29، سُورَةُ النُّوح، آيت:10کان 12 پڙهي:

(صراط الجنان، پارہ:29، سورۂ نوح، تحت الآیۃ:10-12، جلد:10، صفحہ:368)