Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

Book Name:Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

اسْتَغْفِرُوْا رَبَّكُمْؕ-اِنَّهٗ كَانَ غَفَّارًاۙ(۱۰) یُّرْسِلِ السَّمَآءَ عَلَیْكُمْ مِّدْرَارًاۙ(۱۱) وَّ یُمْدِدْكُمْ بِاَمْوَالٍ وَّ بَنِیْنَ وَ یَجْعَلْ لَّكُمْ جَنّٰتٍ وَّ یَجْعَلْ لَّكُمْ اَنْهٰرًاؕ(۱۲) (پاره29،سورۃالنوح:10-12)   

ترجمو ڪنز الايمان: پنهنجي رب کان معافي گهرو اهو تمام گهڻو معاف فرمائيندڙ آهي. توهان تي وڏ ڦڙي ۽ تکي بارش موڪليندو. ۽ مال ۽ پٽن سان توهان جي مدد ڪندو ۽ توهان جي واسطي باغ بنائي ڇڏيندو ۽ توهان جي واسطي نهرون بنائيندو.

تفسير صراطُ الجنان ۾ هن آيت جي حوالي سان آهي: ڪيترن ئي تجربن سان ثابت آهي ته اَولاد جي حُصُول، برسات جي طَلَب، تنگدستي کان نجات ۽ پيداوار جي ڪثرت جي لاءِ اِستِغفار ڪرڻ بهترين قرآني عمل آهي۔ (صراط الجنان، پارہ:29، سورۂ نوح، تحت الآیۃ:10-12، جلد:10، صفحہ:368) الله پاڪ اسان سڀني کي ڪثرت سان استغفار ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

مُعَاف فضل وکرم سے ہو ہر خطا یارب               ہو مغفرت پئے سلطانِ انبیا یارَبّ

نبی کا صدقہ سَدا کے لئے تُو راضی ہو                     کبھی بھی ہونا نہ ناراض یاخُدا یَارَبّ

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

امامِ حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنْه جو ذِڪرِ خير

   پيارا اسلامي ڀائرو! 5 شَعبَانُ المُعَظَّم تي امام عالي مقام، امام عرش مقام حضرت امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنْه جو يومِ وِلادت آهي۔ اچو! آخر ۾ الله پاڪ جي رِضا ۽ ثواب ڪمائڻ جي لاءِ امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه جو ذِڪرِ خير ڪيون ٿا۔

 

          اَهلِ سُنّت جي دِل جو چين، سَيدُنا امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه نبين جي تاجدار، مڪي مدني سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا ڏوهٽا، مولاءِ ڪائنات مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنْه جا شهزادا، شهزاديءِ رسول، حضرت فاطمة الزهره رَضِىَ اللهُ عَنْها جي جگر جا ٽڪرا ۽ امامِ حَسَن مجتبيٰ رَضِىَ اللهُ عَنْه جا ننڍا ڀاءُ آهن، سندن وِلادتِ باسَعَادت 5 شَعبَانُ