Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

Book Name:Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

المُعَظَّم 4 سِنِ هجري جو مديني پاڪ ۾ ٿي۔ (معجم صحابہ بغوی، جلد:2، صفحہ:14)

مرحبا! سَرْوَرِ عالَم کے پِسَر آئے ہیں

سیدہ فاطمہ کے لختِ  جگر آئے ہیں

واہ قسمت! کہ چراغِ حرمین آئے ہیں

اے مسلمانو! مبارک کہ حُسَیْن آئے ہیں

(امام حسین کی کرامات،  صفحہ:5)

 

امام عالي مقام رَضِىَ اللهُ عَنْه جو مُبَارَڪ نالو: حُسَين، ڪنيت: اَبُو عبد الله ۽ لقب: سِبطِ رسول الله ۽ رَيحَانَةُ الرَّسُول (يعني رسول جا گل) آهي۔ (اسد الغابہ، باب حا اور سین، جلد:2صفحہ:24-26)

شانِ امامِ حُسَين بابت 4 فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

الله جا پيارا نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه سان تمام گھڻو پيار ڪندا هئا، رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي پياري ڏوهٽي امام حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه کي چمندا هئا، اسان جا پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ امامِ حسين رَضِىَ اللهُ عَنْه کي سونگھندا هئا، (1): الله جي رسول، رسول مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن امامِ حَسَن ۽ امامِ حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنْهُما جي باري ۾ فرمايو: اسان جا اهي ٻئي پٽ جنّت جي جوانن جا سردار آهن۔ (ترمذی، ابواب :مناقب، باب: مناقب حسن بن علی، صفحہ:855، حدیث:3775) (2): هڪ حديثِ پاڪ ۾ فرمايائون: حسن ۽ حُسَين جو دوست اسان جو دوست، انهن جو دُشمن اسان جو دُشمن آهي۔ (3): هڪ موقعي تي الله جي آخري نبي رسولِ هاشِمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن امامِ حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنْه سان پنهنجي مَحبَّت جو اِظهار ڪندي فرمايو: حُسَين مون مان آهن ۽ مان حُسَين مان آهيان، جيڪو حُسَين کي دوست رکي، الله پاڪ ان کي دوست رکي۔ (ترمذی، ابواب: مناقب، باب: مناقب حسن بن علی، صفحہ:857، حدیث:3782) (4): هڪ مقام تي فرمايائون: جنهن حَسَن ۽ حُسَين سان مَحبَّت ڪئي، ان مون سان مَحبَّت ڪئي، جنهن انهن سان دشمني رکي، ان مون سان دشمني