Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

Book Name:Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

سُنتے  ہیں کہ محشر  میں  صِرْف  اُن  کی  رَسائی  ہے

گر  اُن  کی  رسائی  ہے،  لَو  جب  تو  بَن  آئی  ہے ([1])

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون     

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّيات اعمال جو دارو مدار نيت تي آهي۔ (بخاری، کِتَاب:بَدءُ الْوَحی، باب:کیف کان بدء الوحی...الخ، صفحہ:65، حدیث:1)

     اي عاشقانِ رسول! چڱي نيت جَنّت ۾ پهچائي ڇڏيندي آهي۔ هرنيڪ ۽ جائِز ڪم کان پهريان سٺيون نيتون ڪرڻ گھرجن! هن سان عَمَل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ جون ڪجھ سٺيون نيتون ڪيون ٿا، مان نيتون ڪرايان ٿو، اوهان دِل ۾ ارادو ڏسو ته اِنۡ شَآءَ الله چئي ان جو اظهار ڪريو: * عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * عِلمِ دين جو ادب ڪندي اَدَب سان ويهندس * بيان جا اَهم نڪتا (Points) لکي وٺندس * ذڪر معراج ٻُڌي ڪري، دل ۾ عشق رسول وڌائڻ جي ڪوشش ڪندس

صَلُّو ۡا عَلَي الۡحَبِيب!                                                          صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

اَهم عبادتون بطورِ خاص شَعبَانُ المُعَظَّم ۾ ڪيون وينديون آهن، اڄ جي بيان ۾ اسان هن باري ۾ مدني گل ٻڌڻ جي سَعَادت حاصِل ڪنداسين، اچو! پهريان حديثِ پاڪ ۾ بيان ڪيل هڪ ايمان افروز حِڪايت ٻڌون ٿا:

نيڪين جو پُڙ   وزني ڪيئن ٿيو...؟

حضرت عبد الله بن عمر رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي، غيب ڄاڻڻ واري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن قيامت جي ڏينهن بابت خبر ڏيندي فرمايو: قيامت جو ڏينهن ٿيندو، حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام سبز لباس پائي، عرشِ الٰهي جي


 

 



[1]...حدائقِ  بخشش، صفحہ:192۔