Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

Book Name:Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

رکي۔ (ابن ماجہ، مقدمہ، صفحہ:36، حدیث:143)

امامِ عالي مقام، امامِ تشنه ڪام، امام حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنْه دِين اسلام جي حِفَاظت جي لاءِ 10 محرم الحرام، سن 61 هجري تي ڪربلا جي ميدان ۾ عظيمُ الشَّان قرباني پيش ڪئي ۽ 72 ساٿين سان گڏ 3 ڏينهن بکايل اڃايل رهي شَهادت جو جام پيتائون۔ (سوانح کربلا، صفحہ:170)

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مسجد درس

پيارا اسلامي ڀائرو! امامِ حُسَين رَضِىَ اللهُ عَنْه جي فيضان سان، تمام صحابه ۽ اَهلِ بيت جي فيضان سان بلڪ تمام اولياءِ ڪرام جي فيضان سان الحمد لله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي دِلين جي چين، ناناءِ حُسَين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سُنّتن جو فيضان عام ڪرڻ ۾ مَصرُوفِ عَمَل آهي، اوهان به 12 ديني ڪمن ۾ حِصَّو وٺو ۽ دُنيا ۽ آخرت جون کوڙ ڀلائيون حاصِل ڪريو۔ 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: مسجد درس۔ الحمد لله! دعوتِ اسلامي سان وابسته لکين عاشقانِ رسول پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ مسجد مسجد وڃي شيخِ طريقت، امير اهلسنت، حضرت عَلَّامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جي لکيل قرآن وحديث جي فيضان سان مالا مال ديني ڪتاب جو دَرس ڏيندا ۽ دين جو پيغام عام ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪن ٿا۔ الحمد لله! مَسجِد دَرس جا بيشُمار فائدا آهن، مثال طور مسجد درس جي برڪت سان نمازين جو تعداد وڌندو آهي، مسجدون آباد ٿينديون آهن، مَسجِد دَرس جي برڪت سان عِلمِ دين سکڻ ۽ سيکارڻ جي سَعَادت ملندي آهي، مَسجِد دَرس جي برڪت سان پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اِصلاح ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي، مسلمان پاڻ ۾ گڏجي ويهن ٿا، عِلمِ دين سکن سيکارين ٿا، هن جي برڪت سان انهن جون دِليون قريب ٿينديون آهن ۽ پاڻ ۾ مَحبَّت وڌندي آهي۔