Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

Book Name:Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

نيڪين جي محبت ۽ گناهن کان نفرت نصيب ٿيندي

ڪراچي جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: مان هڪ ڪمپني ۾ ڊرائيور طور ملازِم هئس، ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ مان وقت گذارڻ جي لاءِ گھر جي ويجھو هڪ پارڪ ۾ هليو ويس ۽ پنهنجي عمر جي ٻين پوڙهن سان ڪچهري ڪندو هئس، جڏهن اذان ٿيندي هئي ته انهن سان گڏ مسجد هليو ويندو هئس۔ عِلمِ دين جي ڪمي جي سبب مان عبادت ۾ حقيقي لذت سان محروم هئس، هڪ ڏينهن جڏهن مان نماز پڙهڻ ويس ته نماز کان پوءِ هڪ مبلغِ دعوتِ اسلامي درسِ فيضانِ سُنت شروع ڪيو، اهو اسلامي ڀاءُ پهريان به درس ڏيندو هو پر اڄ خبر ناهي ڇو منهنجو ڌيان ان ڏانهن ويو، مان به درس ۾ شريڪ ٿيس، درس کان پوءِ هڪ اسلامي ڀاءُ محبت ڀري انداز ۾ مون کي پنج ئي نمازون پابندي سان پڙهڻ جو ذهن ڏنو، اُن اسلامي ڀاءُ جا محبت ڀريا لفظ تاثير جو تير بڻجي منهنجي دِل ۾ لهي ويا، ان کان پوءِ ته ڄڻ منهنجي زندگي ۾ بهار اچي وئي، اسلامي ڀائرن جي صحبت جو اهو اثر ٿيو جو مان نمازن جو پابند ٿي ويس ۽ ديني رنگ ۾ رنگجي ويس، چهري تي سُنت جي مطابق ڏاڙھي، مٿي تي عمامي جو تاج سجائي ورتو ۽ عِلمِ دين سکڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول سان گڏ مدني قافلن جو مُسَافِر بڻجڻ لڳس۔ اها سڀ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول جي برڪت آهي جو مون کي نيڪين سان محبت ۽ گناهن کان نفرت جو عظيم جذبو نصيب ٿي ويو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شَهنْشاھ نُبُوتصَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔

(مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)