Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

Book Name:Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                         جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

”وعدي جي پابندي“ سُنت آهي

ٻه فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ:(1): جيڪو وعدو پُورو نٿو ڪري، ان جو ڪو ايمان ناهي۔ (مصنف اِبْنِ اَبِی شیبہ، کتاب: الايمان، جلد:7صفحہ:223) (2):جيڪو مسلمان پنهنجي ڀاءُ سان وعدو خلافي ڪري ان تي الله پاڪ ۽ ملائڪن ۽ تمام انسانن جي لعنت آهي۔ (بخاری، کتاب:جِزْیہ، صفحہ:815، حدیث:3179)

اي عاشقانِ رسول! وعدو پورو ڪرڻ سُنّتِ مصطفيٰ بلڪ سُنّتِ انبياء آهي۔ * اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وعدي جا گھڻا پَڪا هئا ۽ * وعدو ٽوڙڻ کي تمام ناپسند ڪندا هئا۔ * اِعلانِ نبوت کان پهريان هڪ ڀيري هڪ شخص پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي عرض ڪيو: اوهان ترسو مان اجھو ٿو موٽان ، اهو شخص هليو ويو پر واپس اچڻ وسري ويس، ٽن ڏينهن کان پوءِ ان کي ٻيهر ياد آيو، جڏهن اهو انهيءَ هنڌ پهتو ته اهو ڏسي حيران رِهجي ويو ته رسول اڪرم
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٽي ڏينهن گذرڻ جي باوُجود اتي ئي بيٺا آهن  ۽ مَاشَآءَ الله! شفقت و رَحمت ۽ حُسنِ اَخلاق ڏسو! پاڻ سڳورنصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي ڌڙڪا ڪونه ڏنا، ڪاوڙ نه ڪئي، بَس ايترو فرمايائون: اي شَخص! تو مون کي مشقت ۾ وجھي ڇڏيو۔([1]) الله پاڪ اسان کي به سُنّتِ سرڪار تي عمل ڪندي وعدا پُورو ڪرڻ وارو بڻائي۔ اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

 

نوٽ: وَعدي جي بابت مزيد مَعلُومات جي لاءِ شيخ طريقت، امير اهلسنت دامت برڪاتهم العاليه جو ڪتاب ”غيبت جون تباھ ڪاريون“ صفحو 461 کان 465 پڙھو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1]...اَبُو داؤد، کتاب: ادب، باب: وعدہ، صفحہ:781، حدیث:4996۔