Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

Book Name:Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

ڇانو ۾ تشريف فرما ٿي ڏسي رهيا هوندا ته سندن اَولاد مان ڪنهن ڪنهن کي ملائڪ جنّت ۾ وٺي وڃن ٿا ۽ ڪنهن ڪنهن کي دوزخ ۾ اڇلايو وڃي۔ ايتري ۾ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام جي نظر نبين جي تاجدار، اَحمَدِ مختار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هڪ اُمَّتي تي پوندي، ملائڪ ان کي جهنّم ڏانهن وٺي وڃي رهيا هوندا، اهو ڏسي حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام پُڪاري آواز ڏيندا: یَا اَحْمَدُ! یَا اَحْمَدُ! اي اَحمَد! اي اَحمَد! الله! الله! اي عاشقانِ رسول! قربان وڃجي! اهو قيامت جو منظر...! اهو هولناڪ ڏينهن جڏهن هر هڪ کي رڳو پنهنجي پنهنجي ئي پئي هوندي، سڳي ماءُ به اَولاد کان پاسو ڪري رهي هوندي، اسان جا آقا ۽ موليٰ، اسان کي بخشرائڻ وارا آقا، رَحم فرمائڻ وارا آقا، جنّت ۾ پهچائڻ وارا آقا، مالِڪ جنّت، صاحبِ ڪوثَر، نبي رَحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان ڏکي وقت ۾ به اسان گنهگارن کي بخشرائڻ ۽ جنّت ۾ پهچائڻ جي لاءِ ميدانِ محشر ئي ۾ موجود هوندا. مولانا حسن رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان وقت جي ڪيفيت کي اَشعَار جي صُورت ۾ هيئن بيان ڪن ٿا:

کسی کے پَلَّہ پہ یہ ہوں گے وقتِ وزن عمل                  کوئی اُمِّید سے منہ اُن کا تک رہا ہو گا

کوئی قریبِ ترازو، کوئی لبِ کوثر                                   کوئی صِراط پر اُن کو پُکارتا ہو گا

عزیز بچہ کو ماں جس طرح تلاش کرے                         خُدا گواہ یہی حال آپ کا ہو گا

ہزار جان فِدا نرم نرم پاؤں سے                                   پُکار سُن کے اَسِیْروں کی دوڑتا ہو گا ([1])

 الله پاڪ ڪروڙين رحمتون نازِل فرمائي اسان جي آقا ۽ موليٰ مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي، جڏهن آدم عَلَيۡهِ السَّلَام پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هڪ اُمَّتي کي جهنّم ۾ ويندو ڏسي پُڪاريندا ته حُضُور جانِ رحمت، شمعِ بزم هدايت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائن ٿا: مان جواب ۾ چوندس: لَبَّیْکَ یَا اَبَا الْبَشَر اي تمام انسانن جا پيءُ! لبيڪ...! حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام فرمائيندا: اهو اوهان جو اُمَّتي آهي، ملائڪ هن کي جهنّم ڏانهن وٺي پيا وڃن۔


 

 



[1]...ذوق نعت،  صفحہ:51-53۔