Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

Book Name:Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

بازارِ قیامت میں جنہیں کوئی نہ پوچھے                    ایسوں کا خریدار ہمیں تُو نظر آیا

 اسان جا آقا ۽ موليٰ، مڪي مَدَني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام جي اها صَدَا ٻُڌي جلدي مان ملائڪن وٽ ايندا ۽ فرمائيندا: اي منهنجي رَبّ جا ملائڪو! ترسو...!! ملائڪ عرض ڪندا: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اسان ملائڪ آهيون ۽ ملائڪ الله پاڪ جي نافرماني ناهن ڪندا، جيڪو حڪم ٿيندو آهي، اهو سرانجام ڏيندا آهيون، اهو ٻڌي غم خوارِ اُمّت، نبي رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي ڏاڙھي مبارڪ پڪڙيندا ۽ عرشِ الٰهي ڏانهن رُخ ڪري عَرض ڪندا: اي منهنجا رَبِّ ڪريم! ڇا مون سان وعدو نه ڪيو ويو هو ته اُمّت جي معاملي ۾ مون کي غمگين نه ڪيو ويندو...؟ پوءِ ملائڪن کي حڪم ڏنو ويندو: اَطِیْعُوْا مُحَمَّدًا يعني محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فرمانبرداري ڪريو!

اهو حڪم ملندي ئي ڇا ٿيندو؟ اَعليٰ حضرت، امام اهلسنت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا:

چھوڑ کر مجھ کو فرشتے کہیں مَحْکُوم ہیں ہم              حکمِ والا کی نہ تعمیل ہو زُہْرَہ کیا ہے

 يعني ملائڪ ان مجرم کي ڇڏي ادب سان عرض ڪندا: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اسان اوهان جا غُلام آهيون، اسان جي ڪهڙي مجال جو اوهان جي حڪم تي عمل نه ڪريون۔

 

هاڻي مصطفيٰ جانِ رحمت، شمعِ بزم هدايت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حڪم سان اُن ٻانهي کي ٻيهر ميزانِ عمل تي آندو ويندو، ان جا عمل توريا ويندا، شَفَاعَت فرمائڻ وارا آقا، اُمَّت کي بخشرائڻ وارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمائن ٿا: مان پنهنجي کيسي مان آڱر جي ڳنڍ برابر سفيد ڪاغذ ڪڍندس ۽ بِسمِ الله پڙھي نيڪين جي پڙ ۾ رکندس، ان جي برڪت سان ان شَخص جي نيڪين جو پُڙ وزني ٿي ويندو۔

محشر میں گنہگار کا پَلَّہ ہُوا بھاری                              پَلّہ پر جو وہ قربِ ترازو نظر آیا