Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

Book Name:Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

هوڏانهن ان شخص جي نيڪين جو پُڙ وزني ٿيندو، گڏوگڏ محشر ۾ هڪ شَور برپا ٿيندو: ڪامياب ٿي ويو، ڪامياب ٿي ويو، ان جي نيڪين جو پُڙ وزني ڪيو ويو ، هاڻي ان کي جَنّت ۾ وٺي وڃو..!

یہ سماں دیکھ کے محشر میں اُٹھے شور کہ واہ

چشمِ بَدْ دُور ہو! کیا شان ہے! رُتْبہ کیا ہے...!

صَدْقے اِس رَحْم کے، اس سایۂ دامن پہ نثار

اپنے  بندے  کو  مصیبت  سے  بچایا   کیا  ہے!([1])

 

جڏهن ملائڪ ان شَخص کي جَنّت ڏانهن وٺي وڃڻ لڳندا ته اهو عَرض ڪندو: اي ملائڪو! ٿورو ترسو! مان ان بزرگ سان ڪجھ عرض ڪري وٺان! تڏهن اهو عرض ڪندو: منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قربان! اوهان جو پاڪ چهرو ڪيترو نوراني آهي، توهان وڏي اعليٰ اَخلاق وارا آهيو، اوهان منهنجي لڙڪن تي رحم کاڌو ۽ منهنجا گُنَاھ مُعَاف ڪرايا، اوهان ڪير آهيو؟ ارشاد ٿيندو: مان تنهنجو نبي مُحَمَّد (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) آهيان ۽ اهو تنهنجو دُرودِ پاڪ هو جيڪو تو مون تي پڙھيو هو، مون ان کي اڄ جي ڏينهن جي لاءِ ئي محفوظ ڪري رکيو هو۔

(قول بدیع، باب ثانی، فی ثواب الصلاۃ علی رسول اللہ، صفحہ:129)

وہ پرچہ جس میں لکھا تھا دُرود اس نے کبھی         یہ اس سے نیکیاں اس کی بڑھانے آئے ہیں

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                                                                              صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

(1): شَعبَانُ المُعَظَّم جي پهرين اَهم عِبَادت: درود جي ڪثرت

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! درودِ پاڪ جون ڪيتريون برڪتون آهن۔ هونئن ته درودِ پاڪ سڄي زِندگي جو وظيفو آهي، اسان جي روزانو جي


 

 



[1]...حدائق بخشش،  صفحہ:173۔