Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

Book Name:Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

معمولات ۾ درودِ پاڪ جي ڪثرت شامل رهڻ گھرجي ۽ سڄو سال ئي درود پڙھڻ گھرجي، البت هاڻي شَعبَانُ المُعَظَّم جو مبارڪ مهينو آهي ۽ سُبْحٰنَ اللہ! شَعبَانُ المُعَظَّم جي عظمتن، هن جي بلندين ۽ برڪتن جي ڇا ڳالھ ڪجي! هن ماھِ ذيشان کي محبوبِ رحمٰن، سلطانِ عالميان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پاڻ ڏانهن منسوب ڪري ”منهنجو مهينو“ فرمايو، جيئن حديثِ پاڪ ۾ آهي: شَہْرُ رَمَضَانَ شَہْرُ اللہِ وَ شَہْرُ شَعْبَانَ شَہْرِی رمضان الله جو مهينو آهي ۽ شعبان منهنجو مهينو آهي۔ (جامع صغیر، صفحہ:301، حدیث:4903)

ڇو ته اهو آقا جو مهينو آهي، ان ڪري هن ۾ درودِ پاڪ جي خاص طور تي ڪثرت ڪئي ويندي آهي۔ سرڪارِ غوثِ اعظم، شيخ عبد القادر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هُو شَہْرُ الصَّلَاۃِ عَلَی النَّبِیِّ يعني شعبان نبي اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي درود پڙهڻ جو مهينو آهي۔ (غنیۃ طالبی، مجلس فی فضل شہر شعبان، جلد:1، صفحہ:342)

آيتِ درود جي مختصر وضاحت

اي عاشقانِ درود! درودِ پاڪ منفرد عِبَادت آهي، الله پاڪ هن جو حڪم به ٻين تمام عِبادتن جي نسبت منفرد انداز ۾ ڏنو آهي، ارشاد آهي:

اِنَّ اللّٰهَ وَ مَلٰٓىٕكَتَهٗ یُصَلُّوْنَ عَلَى النَّبِیِّؕ-یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا صَلُّوْا عَلَیْهِ وَ سَلِّمُوْا تَسْلِیْمًا(۵۶) (پاره22،سورۃالاحزاب:56)

ترجمو ڪنز الايمان: بيشڪ الله ۽ ان جا ملائڪ درود موڪلين ٿا هن نبي (غيب ٻڌائيندڙ) تي اي ايمان وارؤ! ان (محبوب) تي درود پڙهو ۽ خوب سلام موڪليو.

مشهور مفسر قرآن، حڪيم الاُمّت، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن آيت جي حوالي سان فرمائن ٿا: قرآنِ ڪريم ڪيئي اَحڪام ڏنا پر ڪڏهن به اهو نه فرمايو ته اسان به ائين ڪيون ٿا، ملائڪ به اهو ڪن ٿا، اي ايمان وارؤ! توهان به ائين ڪيو، صِرف درودِ پاڪ واحِد حڪم آهي، جنهن جي لاءِ اهو سڀ ڪجھ فرمايو ويو۔ ڳالھ هيءَ آهي ته جنهن شيء جو حڪم اهتمام سان ڏيڻو هوندو