Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

Book Name:Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

آهي ته بادشاھ رِعَايا کي چوندو آهي: اسان به هيئن ڪيون ٿا، اسان جا وزير، مشير وغيره به هيئن ڪن ٿا، اي رِعَايا! توهان به ائين ئي ڪريو!

مفتي صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ فرمائن ٿا: هن آيت ۾ مسلمانن کي تنبيه ڪئي وئي ته اي درود پڙهڻ وارؤ! ائين  نه سمجهجو ته اسان جي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي اسان جون رحمتون توهان جي گھرڻ تي موقوف آهن، اسان جا محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ توهان جي درود جا محتاج آهن، نه، نه، ائين هر گز نه آهي، توهان درود پڙھو يا نه پڙھو، اُن تي اسان جون رحمتون برابر وسنديون رهن ٿيون، توهان جي پيدائش ۽ توهان جو درود شريف پڙھڻ ته ڪالھ کان ٿيو آهي، انهن تي رحمتن جي برسات ته ان وقت کان ٿي رهي آهي جڏهن ته ”جڏهن“ ”ڪڏهن“ به نه بڻيو هو، ”جتي“، ”اتي“، ”ڪٿي“ کان پهريان انهن تي رحمتون آهن، توهان کان دُعا گھرائڻ توهان جي بهتري جي لاءِ آهي۔ (شانِ حبیب الرحمن، صفحہ:183-184)

خُدا مَدْح خواں ہے، خُدا مَدْح خواں ہے             مرے مصطفےٰ کا، مرے مصطفےٰ کا

خُدا کا وہ طالِب، خُدا اُس کا طالِب                     خُدا اُس کا پیارا، وہ پیارا خُدا کا([1])

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                              صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

هڪ ڀيري درود پڙهڻ جون فضيلتون

اعليٰ حضرت جا والِد، مولانا نقي علي خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: سمورين عبادتن ۾ سڀ کان وڌيڪ فائديمند نيڪي درودِ پاڪ آهي، صِرف هڪ ڀيرو درود پڙھڻ دُنيا ۽ جيڪو ڪجھ دُنيا ۾ آهي، سڀني کان بهتر آهي ۽ ٻنهي جهانن جي لاءِ ڪافِي آهي۔ حضرت اَنَس بن مالِڪ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان رِوَايت آهي، الله جي آخري نبي، رسولِ هاشِمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪو منهنجي حق جي تعظيم ڪندي، مون تي هڪ ڀيري درود پڙھي، الله پاڪ ان مان هڪ ملائڪ


 

 



[1]...ذوقِ نعمت، صفحہ:57۔