Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

Book Name:Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

پيدا ڪندو آهي ۽ ان کي حڪم ڏنو ويندو آهي: جهڙي طرح هن ٻانهي منهنجي نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي درود پڙھيو، تون به ان جي لاءِ دُعاءِ مغفرت ڪر، پوءِ اهو ملائڪ قيامت تائين ان جي لاءِ بخشش جي دُعا ڪندو رهندو آهي۔ (قولُ الْبَدِیْع، صفحہ:121)

خيال رهي! اهو هڪ ڀيري درود پڙهڻ جي صِرف هڪ برڪت آهي، ان کان عِلاوه به جيڪي برڪتون ملن ٿيون، سُبحٰنَ الله! حديثِ پاڪ جي مطابق جيڪو ٻانهو هڪ ڀيرو درود پڙھندو آهي، الله پاڪ ان تي 10 رحمتون نازِل فرمائيندو آهي، ان جا 10 گُنَاھ مُعَاف ڪيا ويندا آهن، ان جي لاءِ 10 نيڪيون لکيون وينديون آهن، ان جا 10 درجا بلند ڪيا ويندا آهن۔

(ترمذی، کتاب:الوتر، باب:فی فضل الصلاۃ علی النبی، صفحہ:144، حدیث:484)

باهه بلڪل اَثَر نه ڪيو

سُبْحٰنَ اللہ! سُبْحٰنَ اللہ! اسان جا بزرگ سڳورا جن جو ايمان پڪو هو، جن جو يقين ڪامِل هو، هڪ ڀيري درود پاڪ جي بدلي الله پاڪ جي طرفان 10 رحمتون ملڻ جي اهميت کي اهي ئي ڄاڻن ٿا۔ اعليٰ حضرت جا والِد مولانا نقي علي خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيڪڏهن ٻانهي کي سڄي زِندگي جي عِبَادتن جي بدلي ۾ الله پاڪ جي صِرف هڪ رَحمت نصيب ٿي وڃي ته دُنيا ۽ آخرت جي سمورين مشڪلاتن جي لاءِ ڪافِي آهي۔ (انوار جمالِ مصطفےٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم، صفحہ:236)

 

حضرت عبد الله شاھ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هند جا هڪ بزرگ ٿي گذريا آهن، هڪ ڏينهن هو پنهنجي پِير صاحب جي خليفي سَيد عالَم شاھ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان گڏ ڪٿي وڃي رهيا هئا، رستي ۾ هڪ هنڌ مٽي جا ٿانو پچائڻ واري بٺي آئي، ان ۾ باھ ڀڙڪي رهي هئي، سَيد عالم شاھ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن فرمايو: عبد الله شاھ! توهان اسان جي ڳالھ مڃيندؤ؟ عرض ڪيائين: جي ها، ضرور مڃيندس۔ فرمايائون: چڱو تون هن بٺي ۾ وڃي بيهي رھ۔ اهو چئي سَيد عالَم شاھ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اڳتي هلي ويا پر عبد الله شاھ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه حڪم ٻڌندي ئي ڀرڪندڙ باھ ۾ وڃي بيهي رهيو، ڪجھ دير کان پوءِ سَيد عالَم شاھ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه واپس موٽيا ته ڏٺائون، عبد الله شاھ