Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

Book Name:Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه بٺي جي اندر بيٺل آهي ۽ باھ خوب ڀڙڪي رهي آهي پر عبد الله شاھ صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا ڪپڙا به سلامت هئا، باھ انهن کي ٿورو به نقصان نه پهچايو۔  ان کي سڏيو ويو پر هو خاموش بيٺا رهيا، جڏهن گھڻا آواز ڏنا ويا ته بٺي مان ٿورو ٻاهر آيا، ماڻهن هٿ پڪڙي ٻاهر آندو، جسم مُبَارَڪ تي پگھر هو، سَيد عالَم شاھ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پڇا ڪئي: ڇا حال آهي؟ عرض ڪيائين: جڏهن مان هن ڀڙڪندڙ باھ ۾ داخِل ٿيس ته مدينه منوره جو تَصور ٻڌي درود شريف پڙهڻ لڳس، اوچتو مديني پاڪ واري طرف کان هڪ نور آيو، جنهن کي مون چادر وانگر پنهنجي جسم تي ويڙهي ورتو، ان جي برڪت سان مون کي باھ جي گرمائش بلڪل به محسوس نه ٿي، اهو جيڪو پگھر اوهان منهنجي جسم تي ڏسي رهيا آهيو، اهو باھ جي گرمي جو پگھر نه آهي بلڪ ان نور جي گرمي سبب آيو آهي۔ (آب کوثر، صفحہ:220)

آج بھی ہو جو ابراہیم سَا ایمان پیدا                        آگ کر سکتی ہے، اندازِ گلستاں پیدا

 خيال رهي! اها حضرت عبد الله شاھ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڪرامت آهي، هر هڪ کي اهڙو انداز اختيار ڪرڻ جي شرعي طور اجازت نه آهي.

صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ڪثرَت سان درود پڙهڻ جون فضيلتون

اي عاشقان درود! اسان صِرف هڪ بار درودِ پاڪ پڙهڻ جون برڪتون ٻُڌيون آهن، هاڻي اچو! * ڪثرت سان درود  پڙهڻ جون به ڪجھ برڪتون ٻڌون ٿا، مختلف حديث سڳورين مطابق * ڪثرت سان درود پڙهڻ وارو بارگاھ الٰهي ۾ هن طرح حاضِر ٿيندو جو الله پاڪ ان کان راضِي هوندو * ڪثرت سان درود پڙهڻ وارو قيامت جي ڏينهن جلدي نجات ماڻيندو * ڪثرتِ درود جي برڪت سان قيامت جي ڏينهن مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ هٿن سان جامِ ڪوثَر پيئڻ نصيب ٿيندو * ڪثرت سان درود پڙهڻ وارو قيامت جي ڏينهن