Isteqamat Kamyabi ka Raaz Hai

Book Name:Isteqamat Kamyabi ka Raaz Hai

ٿيا هئاسين۔ ان وقت غير مسلمن مون کي باھ جي ٻرندڙ ڪوئلن تي پٺيءَ ڀر ليٽائي ڇڏيو، منهنجي پٺي تان ايتري چرٻي ڳري جو ڪوئلا وسامي ويا ۽ مان ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهوش رهيس، پر ربِّ ڪريم جو قسم! جڏهن مون کي هوش آيو ته سڀ کان پهريان زبان مان ڪلمو لَا اِلٰه اِلَّا اللّٰه مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللهنڪتو۔ اَمِيرُ المَومِنِين حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه روئڻهارڪو ٿي فرمايائون: اي خباب! قميص مٿي ڪريو! مان توهان جي ان پٺيءَ جي زيارت ڪندس۔ اها پٺي ڪيتري مبارڪ ۽ مقدّس آهي جيڪا محبّتِ رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڪري باھ ۾ ساڙي وئي آهي۔ (الطبقات لابن سعد،رقم۴۳،خباب بن الارت، ۳/۱۲۳ماخوذا)

 

میں نام پر تیرے واری جاؤں                                     میں عشق میں تیرے سر کٹاؤں

دو ایسا جذبہ دو ایسی ہمت                                                                                                                                                                                              نبیِ رحمت شفیعِ اُمَّت

(وسائلِ بخشش مُرمم،ص۲۰۷)

 

      اي عاشقانِ صحابه! ٿورو سوچيو! صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوَان اسلام جي سَربُلندي لاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون قربانيون ڏنيون، طرح طرح جي تڪليفن کي برداشت ڪيو، پر پوءِ به انهن جي صبر و استقامت ۾ ڪا ڪمي نه آئي، اهو ئي سبب آهي جو صَديون گُذرڻ باوجود به انهن جي عظيم قُربانين ۽ ايمان تي ثابت قدمي جا چرچا اڄ به هر پاسي گونجي رهيا آهن۔ تنهنڪري اسان کي به گھرجي ته اسان صرف ڳالهيون ڪرڻ، فارغ ويهڻ، فُضوليات ۾ وقت وڃائڻ ۽ حِيلا بهانا ٺاهڻ جي بدران عملي طور تي انهن الله وارن جي نقشِ قدم تي هلون،. ڪٿي ائين ته ناهي جو رات دير تائين هوٽلن تي ويهي ٽائم برباد ڪرڻ تي ته استقامت آهي، هفته وار اجتماع ۽ مدني مذاڪرن ۾ شرڪت ڪرڻ تي استقامت ناهي. ڪٿي ائين ته ناهي جو مسلمانن جي دل آزاري ڪرڻ تي ته استقامت آهي، مسلمانن سان حسنِ سلوڪ ڪرڻ تي استقامت ناهي، ٻين کي نيڪي جي دعوت ڏيڻ تي استقامت ناهي. ڪٿي ائين ته ناهي جو گانا باجا ٻڌڻ ۽ فلمون ڊراما ڏسڻ تي ته استقامت آهي، ديني ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ تي