Isteqamat Kamyabi ka Raaz Hai

Book Name:Isteqamat Kamyabi ka Raaz Hai

استقامت ناهي. ڪٿي ائين ته ناهي جو هر اچڻ واري فلم ڏسڻ لاءِ سينما گهرن جي طرف وڃڻ تي ته استقامت آهي، مسجد جي طرف وڃڻ تي استقامت ناهي. ڪٿي ائين ته ناهي جو سوشل ميڊيا تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ وقت ضايع ڪرڻ تي ته استقامت آهي، دين جي ڪمن ۾ ڪجھ منٽ ڏيڻ تي استقامت ناهي.

پيارا اسلامي ڀائرو! سوچو ۽ دين جي ڪمن ۾ استقامت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.

   ياد رکو! تاريخ شاهد آهي ته جن ماڻهن نيڪ عملن تي استقامت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته الله پاڪ انهن کي اهڙو مقام ۽ مرتبو عطا فرمايو  جو ڪنهن کي صحابي هئڻ جو مقام ۽ مرتبو نصيب ٿيو ته ڪنهن کي تابعين ۾ سڀ کان افضل هئڻ جو مقام مليو۔ ڪنهن کي تمام اوليائن جي سرداري نصيب ٿي ته ڪنهن کي پنهنجي وقت جو مجدِّد ٿيڻ جو منصب نصيب ٿيو۔ ڪنهن کي وقت جي امام ٿيڻ جو منصب مليو ته ڪنهن کي محدّث ٿيڻ جو منصب نصيب ٿيو ۽ قيامت تائين ايندڙن جي دلين ۾ انهن جي محبّت بيدار رهندي، اچو! الله وارن جي استقامت جا ڪجھ مختصر واقعا ٻڌون ٿا: جيئن

      اَمِيرُالمومِنِين حضرتِ عثمانِ غنيرَضِىَ اللهُ عَنْه تلاوتِ قرآن تي اهڙي استقامت حاصل ڪئي جو مڪمل قرآنِ ڪريم هڪ رڪعت ۾ پڙھندا هئا۔ (المستطرف،۱/۳۴)

      امامِ اعظمرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه گھٽ ڳالهائڻ تي اهڙي استقامت حاصل ڪئي جو ڪڏهن دشمن جي به غيبت نه ڪئي۔ (تاريخ بغداد،الرقم۷۲۹۷،النعمان بن ثابت ابوحنيفة ، ۱۳/۳۶۱)         

      غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه نيڪ عملن تي اهڙي استقامت حاصل ڪئي جو 40 سال تائين عشاء جي وضو سان فجر جي نماز ادا فرمائي۔ جڏهن به پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه بي وضو ٿيندا هئا ته انهيء وقت وضو ڪري (2) رڪعت نماز نفل پڙھي وٺندا هئا۔ (بهجة الاسرار،ذڪرطريقه،ص۱۶۴)

      حضرت اسوَد بن يزيد رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هرروز هڪ هزار(1000) رڪعتون نفل