Isteqamat Kamyabi ka Raaz Hai

Book Name:Isteqamat Kamyabi ka Raaz Hai

پڙهندا هئا. بيهڻ کان عاجز ٿي ويندا ها ته ويهي پڙهندا ها.

      حضرت ڪهمس بن الحسن رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه روزانو هڪ هزار(1000) رڪعتون نفل پڙهندا ها ۽ پوءِ عاجزي ڪندي پنهنجي نفس کي مخاطب ڪندي فرمائيندا ها: اي برائين جي پاڙ اٿ! جڏهن پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ضعيف ٿي ويا ته پنج سؤ(500) رڪعتن کان وڌيڪ نه پڙهي سگهندا ها ته روئندا ۽ فرمائيندا ها؛ ته افسوس منهنجو عمل اڌورو ٿي ويو.

      حضرت سيدنا امام احمد بن حنبل رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه شبِ بيداري ۽ گريه و زاري ڪندا هئا، روزانو 300 رڪعتون پڙهندا ها، پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه 5 حج ڪيا جنهن ۾ 3 حج پيدل به ڪيائين.

      حضرت اسوَد بن يزيد رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه علمي مشغوليتن جي باوجود روزانو700 رڪعتون پڙهندا هئا ۽ لڳاتار روزا رکندا هئا. ايسيتائين جو روزي ۽ عبادت جي ڪثرت ۽ شب بيداري جي مشقتن جي ڪري پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي بدن جو رنگ ڦڪو ۽ وري سائو ٿي ويو.

      حضرت ابو قلابه، حضرت عبدالملڪ رقّاشي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهما روزانو چار سؤ(400) نفل ادا ڪندا هئا.

      حضرت بلال بن سعد بن تميم اشعري رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه روزانو هڪ هزار(1000) نفل پڙهندا هئا.

      حضرت ثابت بن اسلم بناني رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي پنجاھ(50) سالن تائين ڪڏهن تهجد جي نماز قضا ڪانه ٿئي. پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه سڄي رات نفل پڙهندا ها ۽ صبح روئي روئي اها دعا فرمائيندا ها ته اي الله پاڪ جيڪڏهن تون پنهنجي ڪنهن ٻانهي کي قبر ۾ نماز پڙهڻ جي اجازت ڏئين ته مونکي ضرور اجازت ڏجانءِ ته مان پنهنجي قبر ۾ نماز پڙهندو رهان. پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه سڄي رات نفل پڙهڻ کان