Faizan e Sayeda Khaton e Jannat

Book Name:Faizan e Sayeda Khaton e Jannat

وہ شب بیدار، وہ صرفِ رکوع و سجدۂ پیہم

وہ جن کی ذات پہ نازاں حضور رحمتِ عالم

وضاحت: حضرت فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها سڄي سڄي رات عِبَادت ڪرڻ واريون، لڳاتار سجدو ۽ رڪوع ۾ مصروف رهڻ واريون آهن، رحمتِ عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي سندن تي ناز آهي۔

امامِ حسن مجتبيٰ رَضِىَ اللهُ عَنْه وڌيڪ فرمائن ٿا: والِدهءِ محترمه رَضِىَ اللهُ عَنْها مسلمان مردن ۽ عورتن جي لاءِ گھڻيون دُعائون گھرنديون هيون پر پنهنجي لاءِ ڪجھ نه گھرنديون هيون۔ مون عرض ڪيو: امڙ سائڻ! ڇا سبب آهي جو اوهان پنهنجي لاءِ ڪا دُعا نٿيون گھرو؟ فرمايائون: پٽ! اَلْجَوَارُ ثُمَّ الدَّار پهريان پاڙو پوءِ گھر۔ (مدارج النبوة، قسم پنجم، ذكر اولاد كرام،سیدہ فاطمہ الزہرا ،2/461)

 سُبْحٰنَ الله! اي عاشقانِ رسول! هن حِڪايت مان 2 مدني گل معلوم ٿيا:

(1): پهريون مدني گل اهو ته هن حڪايت جي روشني ۾ حضرت بيبي خاتونِ جنّت رَضِىَ اللهُ عَنْها جي فقر جو عالَم ڏسو! * حضرت خاتونِ جَنّت رَضِىَ اللهُ عَنْها جو گھر مُبَارَڪ ظاهري نظر ۾ نهايت سادو نظر ايندو هو، * سندن ڪپڙن تي چتيون لڳل هونديون هيون، * جنّت جي ملڪه هئڻ باوجود پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها جنڊ هلائينديون هيون، * گھر جو ڪم ڪار پاڻ ڪنديون هيون، * ڪيئي ڪيئي ڏينهن تائين گھر ۾ بک هوندي هئي، * ڪيئي ڪيئي ڏينهن بکايل رهڻ جي باوجود پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها سڄي رات عِبَادت ڪنديون هيون، سموريون نمازون پڙھنديون هيون پر پنهنجي لاءِ ڪجھ نه گھرنديون هيون، اها دُعا نه ڪنديون هيون ته موليٰ! گھر جا فاقا ختم ڪر، اونچا اونچا محل نه گھرنديون هيون، نوان نوان ۽ فيشن وارا ڪپڙا نه گھرنديون هيون، جڏهن ته الله پاڪ جي بارگاھ ۾ سندن مقبوليت جو عالم اهو آهي جو جيڪڏهن رڳو هو دِل ۾ تمنا ڪن ته الله پاڪ سندن آرزو کان وڌيڪ عطا فرمائيندو آهي پر هو گھرنديون نه هيون... ڇو؟ ان ڪري جو سندن مزاج هو ته ”الله پاڪ جنهن حال ۾ رکي، انهيء حال ۾