Faizan e Sayeda Khaton e Jannat

Book Name:Faizan e Sayeda Khaton e Jannat

خوش رهنديون آهن۔“

هيءُ  آهي اهو رُتبو، جنهن کي حقيقت ۾ فقر چيو ويندو آهي۔

 (2) پوءِ انهيء حڪايت ۾ هڪ ٻيو مَدَني گل به آهي، ڏسو! سيده فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها پنهنجي لاءِ ڪجھ نه گھرنديون هيون پر ان جو اهو مطلب ناهي ته الله پاڪ کان گھرنديون نه هيون، نه نه ائين نه آهي، دُعا گھرڻ ته عِبَادت آهي، دُعا ضرور گھرنديون هيون پر پنهنجي لاءِ نه، مسلمانن جي لاءِ، پنهنجي بابا جان، رحمتِ عالميان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڏُکايل اُمّت جي لاءِ دُعائون گھرنديون هيون۔ سُبْحٰنَ الله!

وہ ہمارے نبی، اُن کے ہم اُمَّتی                        اُمَّتی تیری قسمت پہ لاکھوں سلام

تیرے حق میں دُعا، کرتی ہیں فاطمہ                       اُمَّتی تیری قسمت پہ لاکھوں سلام

 ڪڏهن ڪڏهن غريب ماڻهو حَسَرت وچان چوندا آهن: ڪاش! الله پاڪ اسان کي به مال عطا فرمائي ها ته اسان به ٻين جي مدد ڪيون ها، نيڪيون ڪمايون ها۔ اهڙن جي لاءِ هن حڪايت ۾ ڪافِي دَرس آهي۔ الله پاڪ جو اهو ارشاد آهي:

وَ مِمَّا رَزَقْنٰهُمْ یُنْفِقُوْنَۙ(۳)  (پاره1،سورةالبقرة:3)       

ترجموڪنزالايمان: ۽ اسان جي ڏني مان (اسان جي واٽ ۾) خرچ ڪن ٿا.

هن ۾ لفظ ”رِزق (روزي)“ استعمال ٿيو، عالم سڳورن هن لفظ کي عام رکيو آهي، يعني رِزق صِرف مال کي ناهي چئبو، بلڪه الله پاڪ جي ڏنل هر نعمت ئي رِزق آهي ۽ الله پاڪ جي ڏنل هر نعمت کي راھ خُدا ۾ خرچ ڪرڻ صدقو آهي۔ (تفسیر نعیمی، پارہ:1، البقرۃ،تحت الآیۃ:3، جلد:1، صفحہ:137) مثال طور * الله پاڪ هٿ عطا ڪيا، * هٿن سان راھ تان تڪليف دِه شيء هٽائڻ صدقو آهي، * الله پاڪ پير عطا ڪيا آهن، * انهن جي ذريعي هلي مسلمان ڀاء جي مدد جي لاءِ وڃڻ صدقو آهي، * الله پاڪ چپ ڏنا آهن، موقعي مناسبت سان مسلمان ڀاءُ