Faizan e Sayeda Khaton e Jannat

Book Name:Faizan e Sayeda Khaton e Jannat

کي ڏسي مرڪڻ صدقو آهي، * الله پاڪ عِلْم عطا فرمايو آهي، ٻين کي عِلْم سيکارڻ صدقو آهي، * الله پاڪ هنر عطا ڪيو، ٻين کي هنر سيکارڻ صدقو آهي، جيڪا نعمت الله پاڪ اسان کي عطا فرمائي آهي، ان نعمت کي الله پاڪ جي راھ ۾، مسلمانن جي ڀلائي جي لاءِ خرچ ڪرڻ صدقو آهي۔

۽ هڪ تمام اهم ۽ خاص طور تي جيڪا شيء سيده فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها جي ڪردار مُبَارَڪ مان ملي اها هي ته اسان ٻيو ڪجھ نٿا ڪري سگھون ته گھٽ ۾ گھٽ مسلمان ڀائرن جي لاءِ دُعا ته ڪري سگھون ٿا، اها به خير خواهي آهي ۽ ان جو به اِنْ شَآءَ الله! ثواب ملندو۔ اسان عام طور دُعا گھرڻ ۾ سُستي ڪندا آهيون، جڏهن ته دُعا گھرڻ تي ڪو پيسو خرچ ناهي ٿيندو، ان جي باوُجود اسان ٻين جي لاءِ ته ڇا دُعا گھرنداسين، پنهنجي لاءِ به دُعا تمام گھٽ گهرندا آهيون، جيڪڏهن اسان پنهنجي لاءِ به دُعا گھرون ۽ گڏوگڏ ٻين کي به پنهنجي دُعائن ۾ ياد رکون ته ان جو ايترو ثواب ملندو جو اسان جي اندازي ۽ گمان ۾ به نٿو اچي سگھي۔ اسان جي آقا وموليٰ، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪو مسلمان مردن ۽ عَورَتن جي لاءِ دُعاءِ مغفرت ڪري، الله پاڪ ان کي هر مسلمان مرد ۽ عَورَت جي عِوَض هڪ نيڪي عطا فرمائيندو۔ (جامع صغیر، صفحہ:513، حدیث:8419)

اي عاشقانِ رسول! اندازو ڪريو!حضرت آدم عَلَيۡه السَّلَام کان وٺي هاڻي تائين اربين، کربين مسلمان دُنيا ۾ اچي چڪا آهن، صِرف ايتري دُعا گھرڻي آهي: ”اَللّٰہُمَّ اغْفِرْ لِیْ وَ لِکُلِّ مُؤْمِنٍ وَ مُؤْمِنَۃٍ (ياالله پاڪ! منهنجي ۽ تمام مسلمان مردن ۽ عَورَتن جي بخشش فرما) هن جي برڪت سان اِنْ شَآءَ الله! اربين کربين نيڪيون هٿ اينديون۔

الله پاڪ اسان سڀني کي ڪثْرت سان دُعائون گھرڻ جي توفيق عطا فرمائي، رمضان ته هونئن به اَلْحَمْدُ لِله! دُعائون گھرڻ جو مهينو آهي، رمضان ۾