Faizan e Sayeda Khaton e Jannat

Book Name:Faizan e Sayeda Khaton e Jannat

افطار جي وقت دُعائون قبول ٿينديون آهن، سحري جي وَقت دُعائون قبول ٿينديون آهن، لهٰذا اسان کي گھرجي ته اسان خوب ڪثرت سان دُعائون گھرون۔ الله پاڪ توفيق عطا فرمائي۔

اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

اچو! سيده فاطمة الزهراء رَضِىَ اللهُ عَنْها جي فَقر، سخاوت ۽ خير خواهي جي هڪ ٻي حِڪايت ٻڌون ٿا: تفسير خزائِنُ العرفان ۾ آهي: هڪ ڀيري حسنين ڪريمين رَضِىَ اللهُ عَنْهما بيمار ٿي پيا ته حضرت علي المرتضيٰ، حضرت فاطمة الزهراء ۽ سندن هڪ ڪنيز حضرت فِضَّه رَضِىَ اللهُ عَنْهم، ٽنهي باس باسي ته الله پاڪ حسنينِ ڪريمين رَضِىَ اللهُ عَنْهما کي شِفَا عطا فرمائي ته اسان ٽئي 3، 3 روزا رکنداسين، الله پاڪ حسنينِ ڪريمين رَضِىَ اللهُ عَنْهما کي شفا عطا فرمائي، هاڻي حضرت علي المرتضيٰ، حضرت فاطمة الزهراء ۽ سندن ڪنيز حضرت فضه رَضِىَ اللهُ عَنْها باس پوري ڪرڻ جي لاءِ روزو رکيو، حضرت علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ عَنْه ڪجھ جَوء کڻي آيو ته جيئن ماني پچائي افطاري ڪري سگھجي، حضرت فاطمة الزهراء رَضِىَ اللهُ عَنْها پهرين ڏينهن ماني پچائي، کاڌو رکيو ويو سج لهڻ جو انتظار ٿيڻ لڳو، ايتري ۾ دروازي تي هڪ مسڪين صدا لڳائي: اي سيد سڳورا! مان مسڪين آهيان، بکايل آهيان۔ انهن عظيم هستين اتي مَوجُود مانيون کڻي مسڪين کي ڏئي ڇڏيون ۽ پاڻي ئي سان روزو کوليو، ٻي ڏينهن ٻيو روزو رکيو ويو، شام ٿي، ماني تيار ڪئي وئي، دسترخوان لڳو، سج لهڻ جو انتظار ٿي رهيو هو جو دروازي تي ڪنهن آواز ڏنو: مان يتيم آهيان ۽ بکايل آهيان۔ انهن سخاوت جي پيڪرن اڄ به سڀئي مانيون يتيم کي ڏئي ڇڏيون ۽ پاڻ پاڻي ئي سان روزو افطار ڪيائون، ٽيون روزو رکيو ويو، شام ٿي، دسترخوان لڳو، سج لهڻ جو انتظار ٿي رهيو هو جو وري در تي آواز آيو: مان قيدي آهيان، بکايل آهيان۔ ٽئين ڏينهن به انهن مُبَارَڪ هستين سموريون مانيون ان سوالي کي ڏئي ڇڏيون ۽ پاڻ پاڻي ئي سان روزو افطار ڪري ورتو۔ (خزائن العرفان، پارہ29، الدھر، تحت