Faizan e Sayeda Khaton e Jannat

Book Name:Faizan e Sayeda Khaton e Jannat

الآیۃ:8-9، صفحہ:1073)

سُبْحٰنَ الله! آلِ رسول 3 روزا رکيا ۽ ٽئي روزا پاڻي سان افطار ڪيا، الله پاڪ کي سندن اها ادا پسند آئي ۽ الله پاڪ سيپاري 29،سُورَه دَهر جي آيت: 8 ۽ 9 نازِل فرمائي، اِرشاد ٿئي ٿو:

وَ یُطْعِمُوْنَ الطَّعَامَ عَلٰى حُبِّهٖ مِسْكِیْنًا وَّ یَتِیْمًا وَّ اَسِیْرًا(۸) اِنَّمَا نُطْعِمُكُمْ لِوَجْهِ اللّٰهِ لَا نُرِیْدُ مِنْكُمْ جَزَآءً وَّ لَا شُكُوْرًا(۹)

   (پاره29،سورةالدھر:8-9)

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ کاڌو کارائن ٿا ان جي محبت تي مسڪين ۽ يتيم ۽ قيدي کي. انهن کي چون ٿا ته اسان توهان کي فقط الله جي رضا جي واسطي کاڌو کارايون ٿا توهان کان ڪو بدلو يا شڪر گذاري نٿا گهرون.

بھوکے رہتے تھے خود، اَوروں کوکھلا دیتے تھے

کیسے صابر تھے محمد کے گھرانے والے

اي عاشقانِ رسول! رمضان ڪيئن گذارڻ گھرجي؟ اهو سُوال شايد هر سال ئي رمضان جو چنڊ ڏسي اسان جي ذهن ۾ اچي ٿو، سيده ڪائنات رَضِىَ اللهُ عَنْها جي مُبَارَڪ گھر جي هن سبق آموز حڪايت انهيءَ سوال جو ڪيترو نه پيارو جواب ڏنو آهي ته رمضان صبر جو مهينو آهي ته صبر ڪري ئي گذاريو وڃي، رمضان المبارڪ ماهِ مؤاسات (يعني همدردي ۽ ڀلائي جو مهينو) آهي ته همدردي ۽ ڀلائي ڪندي ئي گذاريو وڃي۔ جيڪڏهن اسان غريبن، بيڪسن يتيمن، مسڪينن جي خيرخواهي جي جذبي تحت سحر وافطار جا ڪجھ طعام گھٽ ڪيون، سحر وافطار جو دسترخوان سُنَّت جي پيروي جي نيت سان سادو رکون ۽ اهي غريب جيڪي ويچارا مهانگائي سبب کجور به خريدڻ جي استطاعت نٿا رکن، رمضان