Faizan e Sayeda Khaton e Jannat

Book Name:Faizan e Sayeda Khaton e Jannat

جي مدد جي لاءِ تقريباً 38 هزار کان وڌيڪ رت جون بوتلون (Blood Bags) ڏنيون ويون آهن۔

هن کان عِلاوه به کوڙ شعبا (Departments) قائِم آهن، جن ۾ جامعة المدينه (جتي عالِم ۽ عالمه ڪورس ڪرايو ويندو آهي)، مدرسة المدينه (جتي ٻارن ۽ ٻارڙين کي قرآنِ ڪريم حفظ ۽ ناظره جي مُفت تعليم ڏني ويندي آهي)، مدرسة المدينه بالغان، خُدَّامُ المساجد و المدارس (جنهن تحت مسجدن، مدرسن ۽ جامعات وغيره جي لاءِ جڳهون خريد ڪيون وينديون آهن)، اهڙي طرح مَدَني چينل وغيره ڪيئي شعبن جي ذريعي دعوتِ اسلامي سڄي دُنيا ۾ قرآن ۽ سنت جو پيغام عام ڪرڻ، گھرگھر ۾ دِين پهچائڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي۔ اوهان به دعوتِ اسلامي جو ساٿ ڏيو، پنهنجي زڪوٰة، فطرو، عطيات دعوتِ اسلامي کي ڏيو، عملي طور تي دعوتِ اسلامي جي ديني ڪمن ۾ حِصّو ملايو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دِين ودُنيا جون بي شُمار ڀلائيون نصيب ٿينديون۔ الله پاڪ اسان سڀني کي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔          اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

دعوتِ اسلامی کی قَیُّوم                                         اِک اِک گھر میں مچ جائے دُھوم

اس پہ فدا ہو بچہ بچہ                                              یااللہ! مری جھولی بھر دے

(وسائلِ بخشش، صفحہ:123)

 پيارا اسلامي ڀائرو! * سيده خاتونِ جنت رَضِىَ اللهُ عَنْها جي ايصالِ ثواب جي لاءِ خوب وڌ کان وڌ صدقو ۽ خيرات ڪريو، دعوتِ اسلامي جي مختلف شعبن جي لاءِ به جيترو ٿي سگھي حِصو ملايو ۽ گڏوگڏ پنهنجي گھرن ۾ به فاتحه شريف، ختم پاڪ ۽ حسبِ توفيق لنگر جو به لازمي اهتمام ڪريو۔ * سيده فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها جي سيرتِ پاڪ پڙھڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه تان جارِي ٿيندڙ ڪتاب ”شانِ خاتونِ جنّت“ پڙھو، ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو * ۽ الحمد لله!