Faizan e Sayeda Khaton e Jannat

Book Name:Faizan e Sayeda Khaton e Jannat

(يعني مدد ونصرت) نصيب ٿيندي * گرمين جي روزن جو هڪ فائدو اهو آهي ته گرمي ۾ بُک اُڃ جو احساس وڌيڪ ٿيندو آهي، جڏهن بُک اُڃ جو احساس گھڻو ٿيندو، تڏهن ته غريبن جي غربت ۽ بک جو اِحسَاس ٿي سگھندو، بُک اُڃ جو احساس گھڻو ٿيندو ته جسم جي زڪوٰة وڌيڪ نڪرندي، بُک اُڃ جو احساس گھڻو ٿيندو تڏهن ئي سرڪش نفس قابُو ۾ ايندو ۽ نَفس جيترو قابُو ۾ رهندو، عقل اُوترو ئي بيدار ٿيندو، دِل ۾ اوتري ئي نورانيت وڌندي، ۽ اوتري دِل جي ڪاراڻ مٽجندي، جيتري دِل ۾ نورانيت وڌندي، اوترو الله پاڪ ڏانهن رجوع گھڻو ٿيندو، عبادات جي رغبت وڌيڪ ملندي، گُنَاهن کان نفرت، تقويٰ، پرهيزگاري اوتري ئي وڌيڪ نصيب ٿيندي۔ حضرت بايزيد بسطامي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ ڀيري الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: موليٰ! مان تنهنجو قُرب ڪيئن حاصِل ڪيان؟ غيب مان آواز آيو: اُتْرُڪ نَفْسَڪَ فَتَعَالِ پنهنجي نفس کي ڇڏي ڏي ۽ هليو اچ!

اي عاشقانِ رمضان! خبر پئي ته انسان جيترو وڌيڪ نَفس کي دٻائي، اوترو وڌيڪ قربِ الٰهي نصيب ٿيندو آهي ۽ گرمين جي روزن ۾ جيئن ته زياده دير تائين نَفْس کي دٻائڻ، کائڻ، پيئڻ جي خواهشن کان رڪڻ ٿيندو آهي، ان ڪري الله پاڪ جي رحمت مان اُمِّيد آهي ته گرمين جا روزا رکي الله پاڪ جو وڌيڪ قرب نصيب ٿيندو۔

لهٰذا گرمين جا روزا به شوق سان رکيا وڃن، فائدن تي نگاھ رکنداسين ته اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم! مشقت برداشت ڪرڻ آسان ٿي ويندي، ان سان گڏوگڏ شيخِ طريقت، امير اهلسنت حضرت علامه مولانا محمد الياس عطّار قادِري رضوي ضيائي دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جو رسالو ”گرمي کان حفاظت جا مدني گل“ پڙھي وٺو! ان ۾ گرمي جا روزا آساني سان رکڻ جا طريقا، روحاني وظيفا لکيل آهن۔ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! آسانيون ٿينديون۔ الله پاڪ اسان سڀني کي خوب خوب روزا رکڻ، خوب عِبادتن، رياضتن سان رمضان گذارڻ ۽ ان جون برڪتون ماڻڻ جي توفيق عطا فرمائي۔