Faizan e Sayeda Khaton e Jannat

Book Name:Faizan e Sayeda Khaton e Jannat

جو جانا خُلد میں ہو پائے زہرہ سے لپٹ جاؤ

جسے  کہتے  ہیں  جنت  مُلک ہے  خاتونِ  جنت کا

(دیوان سالک، صفحہ:33)

 ”بتول“ ۽ ”زهراء“ سيده فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها جا مشهور لقب آهن، مشهور مفسرِ قرآن، حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيئن ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها دُنيا ۾ رهندي به دُنيا کان جدا هيون، ان ڪري ”بتول“ لقب ٿيو۔ (مرآۃالمناجیح،8/452، ملتقطاً) هڪ ٻي هنڌ تي مفتي صاحِب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها جَنّت جي مُکڙي هيون ايستائين جو پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها جي ڪڏهن اهڙي ڪيفيت نه ٿي جيڪا ٻين عورتن کي ٿيندي آهي (يعني ماهواري واري ڪيفيت ڪانه ٿيندي هئي) ۽ سندن جي جسم مان جنّت جي خوشبو ايندي هئي جنهن کي حُضُور
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سُونگهندا هئا، ان ڪري سندن لقب ”زهراء“ ٿيو يعني جَنّت جي مُکڙي۔ (مرآۃالمناجیح، 8/453، بتغیر قلیل)

بتول و فاطمہ زہراء لقب اس واسطے پایہ

کہ دُنیا میں رہیں اور دیں پتہ جنت کی نگہت کا

(دیوانِ سالک،صفحہ:33)

 سيده فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها جون فضيلتون آسمان جي تارن جيان بي شُمار آهن۔ بخاري شريف ۾ آهي، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مديني جي سردار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هِیَ بَضْعَةٌ مِنِّی يُرِيبُنِی مَا أَرَابَهَا وَيُؤْذِينِی مَا آذَاهَا فاطمه منهنجي جسم جو ٽڪڙو آهي، جيڪا ڳالھ هن کي بُري لڳي مون کي به بُري لڳندي آهي ۽ جيڪا شيء هن کي تڪليف ڏي مون کي به تڪليف ڏيندي آهي۔ (بخاری، کتاب:النکاح، صفحہ:1344، حدیث:5230)

2 سِنِ هجري تي حضرت بيبي فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها جو نِڪاح مولا علي شير خُدا
کرَّمَ الله وَجْهه الْکرِيم سان ٿيو ۽ انهيء سال ذوالحجة الحرام ۾ رخصتي ٿي۔ پاڻ