Taqwa Kesay Milay

Book Name:Taqwa Kesay Milay

پاڪ ان کي عبادت جي لذت عطا فرمائيندو۔ (جمع الجوامع، جلد:8، صفحہ:13، حدیث:24052) الله پاڪ جي نبي حضرت عيسي عَلَيۡهِ السَّلَام جو فرمان آهي: بَدنِگاهي کان بچو ڇوته بَدنِگاهي دِل ۾ شهوت جو ٻج پوکي ڇڏيندي آهي ۽ انسان کي فتني ۾ وجھڻ جي لاءِ اهو ئي ڪافِي آهي۔ (منہاج العابدین، صفحہ:166)

پيارا اسلامي ڀائرو! هڪ ته اکين کي حرام کان بچائڻو آهي، نه ڏسڻ وارين شين کي ناهي ڏسڻو، اهو ته 12 مهينا ۽ 24 ڪلاڪ لازم ۽ ضروري ۽ هر هڪ تي فرض آهي پر اسان جي بزرگانِ دين جو انداز ڏسو! سُبْحٰنَ الله! اهي الله وارا ڪمال جي سوچ رکڻ وارا هئا، الله پاڪ جي پياري نبي حضرت سيدنا شُعَيب عَلَيۡهِ السَّلَام يادِ الٰهي ۾ خُوب روئيندا هئا، ايستائين جو اکين جي ظاهري بينائي ۾ ڪافِي گهٽتائي ٿي وئي، پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام کان ايتري قدر روئڻ جو سبب پڇيو ويو ته فرمايائون: ٻن(2) سبب جي ڪري مان ايترو روئيندو آهيان: (1): هن خوف سبب ته ڪٿي منهنجي نگاھ اهڙي شيء تي نه پئجي وڃي، جنهن کي ڏسڻ کان شريعت منع ڪيو آهي۔(2): ۽ ٻيو سبب اهو آهي ته جيڪا اک روزِ قيامت الله پاڪ جو جلوو ڏسڻ چاهي ٿي، مان نٿو چاهيان ته اها اک ڪنهن ٻي شيءِ کي ڏسي، ان کان پوءِ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام 60 سال دُنيا ۾ تشريف فرما رهيا، ڪنهن پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام کي اک کولندي نه ڏٺو۔ (اسرار الاولیاء، صفحہ:32)

سُبْحٰنَ الله! سُبْحٰنَ الله! اي عاشقان رسول! اهو آهي حقيقت ۾ اک جو روزو! پر افسوس! اسان گنهگار اهڙو روزو ته ڇا رکنداسين، صِرف اکين کي ناجائِز شيون ڏسڻ کان ئي نٿا بچائي سگھون۔ شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه اک جي روزي جي تفصيل بيان ڪندي فرمائن ٿا: پيارا اسلامي ڀائرو! اک جو روزو هن طرح رکڻ گهرجي جو * اک جڏهن به کڄي ته صرف ۽ صرف جائز ڪمن ڏانهن ئي کڄي * اک سان مسجد ڏسو * قرآن مجيد ڏسو * مزاراتِ اولياء جي زيارت ڪريو * علماءِ ڪرام ۽ مشائخ عِظام ۽ الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جو ديدار ڪريو * الله پاڪ ڏيکاري ته ڪعبہءِ معظمہ جا انوار ڏسو، مڪہءِ مڪرمہ جون سُرهاڻ ڀريون گهٽيون ۽ اتان جون واديون ۽