Quran Kay Huqooq

Book Name:Quran Kay Huqooq

جيڪي صِرف رمضان ئي ۾ قرآنِ مجيد کولي ڏسندا آهن، جڏهن ته * اسان کي صبح ۽ شام، ڏينهن رات تِلاوتِ قرآن جي ترغيب ڏني وئي آهي * تلاوتِ قرآن افضل عِبَادت آهي۔ (کنز العمال، کتاب: الاذکار، جزء:1، جلد:1، صفحہ:257، حدیث:2261) * قرآنِ ڪريم جو هڪ اکر پڙھڻ تي ڏھ نيڪين جو ثواب ملندو آهي۔ (ترمذی، کتاب: فضائل القران، صفحہ:676، حدیث:2910) * قرآن پڙهڻ سان رَحمَت لهندي آهي، ملائڪ پرن سان ڇانو ڪندا آهن، اطمينان نازِل ٿيندو آهي۔ (مسلم، کتاب:الذکر والدعا، صفحہ:1039، حدیث:2699ماخوذًا) * جيڪو صبح جو قرآن ختم ڪري ته شام تائين ۽ جيڪو شام جو ختم ڪري ته صبح تائين ملائڪ ان جي لاءِ رحمت جي دُعا ڪندا آهن۔ (کنز العمال، کتاب: الاذکار، جزء:1، جلد:1، صفحہ:261، حدیث:2316) * قيامت جي ڏينهن قرآن پنهنجي پڙهڻ وارن جي شفاعت ڪندو۔ (مسلم، کتاب: صلاۃ المسافرین، صفحہ:290، حدیث:804) * قرآن جو قاري، قرآن ڪريم پڙھندي جنت جا درجات چڙھندو ويندو۔ (ابو داؤد، کتاب:الوتر، صفحہ:241، حدیث:1464 ماخوذًا) * جيڪو نماز ۾ بيهي قرآن جي تلاوت ڪري ان جي لاءِ هر اکر جي بدلي 100 نيڪيون آهن ۽ جيڪو نماز ۾ ويهي تلاوت ڪري ان جي لاءِ هر اکر جي بدلي 50 نيڪيون آهن ۽ جيڪو نماز کان علاوه باوضو تلاوت ڪري ان جي لاءِ 25 نيڪيون آهن ۽ جيڪو بغير وضو تلاوت ڪري ان جي لاءِ 10 نيڪيون آهن۔ (احیاء العلوم، کتاب آداب تلاوۃ، الباب الثانی، جلد:1صفحہ:362) * قرآن جو قاري اسلام جي جھنڊي کي پڪڙڻ وارو آهي۔ (مسند الفردوس، جلد:2، صفحہ:135، حدیث:2690) * قرآن جو قاري الله پاڪ جو خاص ٻانهو آهي۔ (کنز العمال، کتاب: الاذکار، جزء:1، جلد:1، صفحہ:258، حدیث:2275) * قرآن پڙهڻ وارو عذابِ الٰهي کان محفوظ رهندو آهي۔ (كنز العمال،کتاب الاذکار، الجزءالاول، ١/٢٥٨، حدیث:٢٢٦٧) * قرآن پڙهڻ وارو ان جي بَرَڪت سان ترقي ڪندي وڏا درجا حاصِل ڪري وٺندو آهي۔ (كنز العمال،کتاب الاذکار، الجزءالاول، ١/٢٥٩، حدیث:٢٢٨٩)

اهڙا ثواب، اهڙا فائدا آهن قرآنِ مجيد جي تِلاوت ڪرڻ جا، پر اسان تِلاوت نٿا ڪيون۔ اسان کي گھرجي ته اسان تلاوتِ قرآن کي پنهنجي روز جي معمولات ۾ شامِل ڪيون، جيئن کائڻ جي بغير اسان جا ڏينهن نٿا گذرن، اهڙي