Quran Kay Huqooq

Book Name:Quran Kay Huqooq

مثال طور تي اوهان قرآنِ مجيد سمجھڻ چاهيو ٿا ته * دعوتِ اسلامي تحت ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ ۾ هلندڙ هڪ هزار جي ويجھو جامعاتُ المدينه مان ڪنهن به قريبي جامعة المدينه ۾ داخِلا وٺو۔ هاڻي رمضان المبارڪ کان پوءِ اِنْ شَآءَ الله! دَرْسِ نظامي جا نوان ڪلاس شروع ٿيندا، جامعاتُ المدينه جا داخلا کليل آهن، همت ڪريو، جامعة المدينه ۾ داخلا وٺو، دَرسِ نظامي يعني عالِم ڪورس ڪري وٺو، اِنْ شَآءَ الله! قرآنِ مجيد سمجھڻ به اچي ويندو، هن سان گڏوگڏ بخاري شريف، مسلم شريف، فتاوي شامي، احياء العلوم، فتاويٰ رضويه شريف وغيره عِلمِ دين جا وڏا وڏا ڪتاب نه صِرف پڙهڻ وارا بڻجي ويندؤ بلڪ ٻين کي سيکارڻ وارا به بڻجي ويندؤ۔ * دَرس نِظَامي يعني عالِم ڪورس 6 سال جو ڪورس آهي، جيڪڏهن اوهان ايترو وقت نٿا ڏئي سگھو، مصروفيت آهي، گھريلو مسئلا آهن ته ڪا ڳالھ ناهي، آن لائِن جامعة المدينه ۾ داخِلا وٺو، گھر ويٺي ئي دَرسِ نظامي ڪريو، * جيڪڏهن اهو به مشڪل لڳي ٿو ته قرآنِ مجيد ترجمو ۽ تفسير ڪورس ۾ داخلا وٺو، * اهو به نٿو ٿي سگھي ته هلو دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه تان ترجمي وارو قرآن ڪنز الايمان، ڪنز العرفان، تفسير خزائن العرفان، صراط الجنان ۽ معرفة القرآن خريدي وٺو، آسان اُرْدُو ۾ گھر ويهي قرآنِ مجيد ترجمو ۽ تفسير سان پڙھو ۽ برڪتون ماڻيو، * جيڪڏهن اوهان ڪتاب خريدڻ جي لاءِ پيسا خرچ نٿا ڪرڻ چاهيو ته پنهنجي موبائل ۾ Al Quran With Tafseer نالي ايپلي ڪيشن ڊاؤنلوڊ ڪري وٺو، قرآنِ مجيد جي تِلاوت ڪريو، ترجمو پڙھو، تفسير پڙھو، سمجھو، جتان کان سمجھ نه اچي ته عُلَماءِ ڪرام، عاشقانِ رسول مفتيانِ ڪرام الحمد لله موجود آهن، انهن کان پڇي وٺو۔ * جيڪڏهن اوهان وٽ موبائل به نه آهي، ايپلي ڪيشن به ڊاؤنلوڊ نٿا ڪري سگھو ته پوءِ به پريشاني جي ڳالھ ناهي، روزانو 15، 20 منٽ ڏيو! الحمد لله! عاشقانِ رسول، دعوتِ اسلامي جا مبلغ فجر جي نماز کان پوءِ ”ترجمو ۽ تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جو حلقو“ لڳائندا آهن، هن ۾ روزانو 3 آيتون ترجمو ۽ تفسير پڙھي ٻڌايو ويندو آهي، ان ۾ روزانو جون 3 آيتون يعني