Quran Kay Huqooq

Book Name:Quran Kay Huqooq

جيڪا آيت سڳوري ان جي سامهون آئي اها ڄڻ ته ان جي پنهنجي ئي زِندگي جو سڄو چٽو نقشو هئي، فال ۾ جيڪا آيت نڪتي اها سيپاري 13، سوره ابراهيم جي آيت: 15 هئي، ارشاد آهي:

وَ خَابَ كُلُّ جَبَّارٍ عَنِیْدٍۙ(۱۵)

ترجموڪنز الايمان: ۽ سرڪش هٺيلو ناڪام ٿيو.

وليد جڏهن اها آيت پڙھي ته ان تي اِقتِدار جو ڀوت سُوار ٿي ويو ۽ غرور ۽ تڪبر ۾ اچي ان بدبخت معاذ الله قرآنِ ڪريم کي شهيد ڪري بي ادبي سان اڇلائي ڇڏيو ۽ چيائين: ڇا تون سرڪش ۽ هٺيلي کي وعيد ٻُڌائين ٿو؟ مان ئي سرڪش ۽ هٺيلو آهيان، جڏهن تون قيامت جي ڏينهن الله پاڪ جي سامهون وڃين ته ٻڌائي ڇڏجان ته مون سان اهڙو سلوڪ وليد ڪيو آهي۔

تاريخ جي صفحن ۾ موجود آهي ته ان واقعي جي ڪجھ ئي ڏينهن کانپوءِ وليد بن يزيد جي سسيء ڌار ڪري ان جي ئي محل ۾ لٽڪائي وئي، ان جي چاچي جي پٽ ان جي خِلاف بغاوت ڪئي ۽ اعلان ڪيائين جيڪو وليد جي سسيء ڌار ڪري کڻي ايندو ان کي هڪ لک دِرهم (يعني چاندي جا سڪا) انعام ڏنو ويندو، پوءِ ان جي سسيء لاهي ان جي سوٽ اڳيان پيش ڪئي وئي، ان ڪجھ ڏينهن ته ان جي سسيء کي انهيء محل ۾ لٽڪائي رکيو، پوءِ چوڪ تي لٽڪائي وئي۔ (حَیَاۃُ الحیوان، جلد:1، صفحہ:108ملتقطًا)

ملے خاک میں اَہْلِ شاں کیسے کیسے                         مکیں ہو گئے لامکاں کیسے کیسے

ہوئے نامور بےنشاں کیسے کیسے                         زمیں کھا گئی نوجواں کیسے کیسے

جگہ جی لگانے کی دُنیا نہیں ہے                            یہ عبرت کی جا ہے، تماشا نہیں ہے

پيارا اسلامي ڀائرو! اهو آهي اُن جو انجام جيڪي قرآنِ ڪريم کي پنهنجو پيشوا نٿا مڃن ۽ مَعَاذَ الله! ان جي آيتن جو مذاق اُڏائن ٿا۔ مسلمان هئڻ ناطي اسان جي ايمان جو تقاضو آهي ته اسان هر معاملي ۾ قرآنِ ڪريم کي پنهنجو