Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

Book Name:Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

معمول مبارڪ هو ته جنهن ٽرين تان سَفَر ڪرڻو هوندو هو ۽ جنهن ٽرين تان واپس موٽڻو هوندو هو، ان جو ٽائم ٽيبل گھرائيندا هئا، ٽرين ڪڏهن روانو ٿيندي؟ ڪڏهن پنهنجي منزل تي پهچندي؟ ڪهڙي ڪهڙي اسٽيشن تي ڪيتري ڪيتري منٽن جو اسٽاپ ڪندي؟ انهن سڀني ڳالهين جي جانچ ڪري؟ پوءِ عِلمِ هيئت جي ذريعي انهن هنڌن جي نماز جو وقت ڪڍندا هئا، پنجن نمازن جو وقت جنهن اسٽيشن تي شروع ٿيندو هو ۽ جنهن جنهن اسٽيشن تائين رهندو هو انهن هنڌن تي نشان لڳايا ويندا هئا ۽ وقتن جا نالا لکيا ويندا هئا، جڏهن پورو اطمينان ٿي ويندو هو ته ان سفر ۾ تمام نمازون باجماعت وقت تي ادا ٿي سگھنديون، تڏهن سَفر جو اِرادو ڪندا هئا، جنهن گاڏي تان سَفَر ڪرڻ ۾ اَوقاتِ نماز اسٽيشن تي نه ملندا هئا ۽ اهو ممڪن نه هوندو هو ته اسٽيشن تي لهي باجماعت نماز ادا ٿي سگھندي، ان گاڏي تي سَفَر نه ڪندا هئا بلڪ ٻي گاڏي اختيار ڪندا هئا۔ يا وري ائين ٿيندو هو ته انهيء گاڏي تان سَفَر ڪري رستي ۾ مقرره اسٽيشن تي لهي ويندا هئا، گاڏي روانو ٿي ويندي هئي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه باجماعت نماز ادا ڪري بعد ۾ ايندڙ گاڏي ۾ سُوار ٿي اڳتي جو سَفَر ڪندا هئا۔

ہر عبادت سے برتر عبادت نماز                         ساری دولت سے بڑھ کر ہے دولت نماز

قلبِ غمگین کاسامانِ فرحت نماز                         ہے مریضوں کو پیغامِ صحت نماز

پیارے آقا کی آنکھوں کی ٹھنڈک ہے یہ                                         قلبِ شاہِ مدینہ کی راحت نماز

 صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                                                    صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ٻي حج جي سَفر جي موقعي تي سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي روانگي اوچتو ٿي هئي، واقعو هي ٿيو ته اعليٰ حضرت جي خاندان جا ڪي ڀاتي حج تي وڃي رهيا هئا، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهن کي لکنؤ تائين پهچائي واپس موٽي آيا۔

هاڻي سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جهڙو عاشِقِ رَسُول ۽ مديني جي مُسَافِرن کي گاڏي تي سُوار ڪري واپَس موٽي رهيو هجي ته ان وقت پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي