Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

Book Name:Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

ڪيفيت ڪهڙي هوندي، ان جو اندازو لڳائڻ دُشوار آهي۔

اَعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ هفتي تائين بريلي شريف ۾ ئي تشريف فرما رهيا پر طبيعت اداس ئي رهي، پوءِ هڪ ڏينهن عصر جي وقت دِل تمام گھڻي اُداس ٿي ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه حج جي لاءِ روانگي جو ارادو ڪري ورتو۔

 اهو سَفر سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو گھڻو جلدي جو هو، ڇوته سندن خاندان وارا پهريان روانا ٿي ويا هئا، بمبئي پهچي انهن سان ملڻو هو ۽ اڳتي بحري جهاز تي سَفَر هو، هاڻي صُورتِ حال اها هئي ته جنهن گاڏي تان سَفر ڪرڻو هو، آگره اسٽيشن تي گاڏي بدلڻ جي صُورت ۾ نماز جو وقت هليو وڃي ها ۽ نماز رِهجي وڃي ها ۽ جيڪڏهن گاڏي پهريان کان بُڪ ڪرائي وڃي ته گاڏي بدلڻ جي ضرورت نه رهي ها بلڪه سيڪنڊ ڪلاس جو اهو ڊٻو ئي جدا ڪري بمبئي واري گاڏي سان جوڙيو وڃي ها ۽ نماز ملي وڃي ها، لهٰذا سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه (ان دور جي) 235 روپين ۽ ڪجھ پيسن ۾ سيڪنڊ ڪلاس جو ڊٻو پهريان کان بُڪ ڪرايو، جڏهن گاڏي آگره پهتي ۽ پاڻ باجماعت نماز ادا ڪئي ته اسٽيشن ئي تان گھروارن کي خط لکيو ته ”الحمد لله! باجماعت نماز ادا ٿي وئي آهي، منهنجا روپيا وُصُول ٿي ويا، هاڻي اڳتي مفت ۾ وڃي رهيو آهيان۔“ (حیات اعلیٰ حضرت، جلد:1، صفحہ:411-413)

ہر عبادت سے برتر عبادت نماز                         ساری دولت سے بڑھ کر ہے دولت نماز

قلبِ غمگین کاسامانِ فرحت نماز                         ہے مریضوں کو پیغامِ صحت نماز

 صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                                                    صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اڪثر سلطان الهند خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مزار شريف تي حاضري جي لاءِ ويندا هئا، هڪ ڀيري پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اجمير شريف وڃڻ جي لاءِ رَيل گاڏي تي سُوار ٿيا، سفر دوران جڏهن ريل گاڏي ڦليره اسٽيشن تي پهتي ته مغرب نماز جو وقت ٿي چڪو هو، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه