Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

Book Name:Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

پنهنجي مريدن کي فرمايو: مغرب نماز جي لاءِ جماعت پليٽ فارم تي ئي ادا ڪئي وڃي۔ چادرون وڇايون ويون، سڀني وُضُو ڪري اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي امامت ۾ نمازِ مغرب ادا ڪرڻ لڳا۔ ايتري ۾ گاڏي هلڻ جي لاءِ سيٽي وڳي، ان جي باوُجُود پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهيء خشوع و خضوع سان نماز ادا ڪندا رهيا۔

هوڏانهن ڊرائيور گاڏي هلائڻ چاهي پر گاڏي جي انجڻ اڳتي نه وڌي، ڊرائيور ۽ گارڊ سڀئي پريشان ٿي ويا ته آخر گاڏي ڇو نه پئي هلي، انجڻ کي ٽيسٽ ڪرڻ جي لاءِ ڊرائيور گاڏي کي پوئتي ڌڪيو ته گاڏي پوئتي هلڻ لڳي يعني انجڻ بلڪل ٺيڪ هئي، پر اها ئي انجڻ جڏهن اڳتي هلائي ويندي هئي ته ڪونه چُرندي هئي۔

  ايتري ۾ اسٽيشن ماسٽر جيڪو انگريز هو ۽ ان جو نالو ”رابرٽ“ هو، سڄي صُورتِ حال ڏسڻ جي لاءِ اچي ويو ۽ گارڊ کان پڇا ڪيائين: ڇا ڳالھ آهي؟ انجڻ ڇو نه ٿي هلي؟ گارڊ چيو: سمجھ ۾ اهو اچي ٿو ته هو بزرگ جيڪي نماز پڙھي رهيا آهن، ڪي وڏا وَلِيُ الله آهن، جيستائين انهن جي نماز مڪمل نه ٿيندي، گاڏي نه هلندي۔ اسٽيشن ماسٽر جي سمجھ ۾ اها ڳالھ اچي وئي ۽ هو نمازين جي جماعت جي ويجھو وڃي بيهي رهيو، نماز ۾ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو استغراق ۽ خشوع وخضوع ڏسي هو گھڻو متاثر ٿيو۔

ايتري ۾ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه نماز مڪمل ڪري دُعا گھرڻ لڳا۔ جڏهن پاڻ دُعا کان فارغ ٿيا ته اسٽيشن ماسٽر عرض ڪيو: حضرت! ٿورو جلدي ڪيو، هي گاڏي اوهان جي عبادت جي سبب نه پئي هلي، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: اِنْ شَــآءَالـلّٰـه! هاڻي اها گاڏي هلندي۔ اهو فرمائي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي مريدن سان گڏ گاڏي ۾ ويٺا ۽ پوءِ گاڏيءَ هلڻ شروع ڪيو۔

سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ته اجمير شريف روانا ٿي ويا پر اسٽيشن ماسٽر تي ان ڪرامت جو وڏو اَثَر ٿيو ۽ هو پنهنجي گھروارن سان گڏ اجمير شريف حاضِر ٿيو ۽ سيديٰ اعليٰ حضرت جي هٿ تي ايمان قبول ڪري مسلمان