Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

Book Name:Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

ٿي ويو۔

سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان جو نالو عبد القادر رکيو ۽ ان کي سلسله قادريه ۾ داخِل ڪري پنهنجو مريد به بڻائي ورتو۔ (فیضان اعلیٰ حضرت، صفحہ:137)

ایمان پا رہا ہے حلاوت کی نعمتیں                        اور کفر تیرے نام سے لرزاں ہے آج بھی

بھر دی دلوں میں اُلْفَت و عظمت رسول کی           جو مخزنِ حلاوتِ ایماں ہے آج بھی

للہ اپنے فیض سے اب کام لیجئے                         فتنوں کے سَر اُٹھانے کا امکاں ہے آج بھی

وابستگان کیوں ہوں پریشان اُن پہ جب               لطف و کرم کا آپ کے داماں ہے آج بھی

 صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                                                    صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! سرڪارِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه نماز جا ڪيترا عاشق هئا، ڪنهن حال ۾ به پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه نماز ڇڏڻ ته رهيو پري، جماعت ڇڏڻ به پسند نه ڪندا هئا، سفر دوران مسجد ۾ حاضِري ته دُشوار هئي ۽ شرعاً به 92 ڪلوميٽر يا ان کان وڌيڪ سَفر ۾ جماعت واجِب ناهي ٿيندي، ان جي باوُجُود پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه نماز باجماعت ئي ادا ڪندا هئا۔

هن هنڌ هڪ ٻي ڳالھ به غور لائق آهي، اها هي ته سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي لاءِ خلافِ عادَت ٽرين جو نه هلڻ يقيناً سندن ڪرامت آهي پر سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي هر سَفر ۾ اهڙيون ڪرامتون نه ڏيکاريندا هئا، ها! نماز جو اهتمام هر سَفر ۾ ئي ڪندا هئا ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هن ” نماز جي اهتمام“ کي ڪرامت نٿا چئي سگھون بلڪه اهو سندن ”نماز سان عشق“ آهي۔ لهٰذا اهو نٿو چئي سگھجي ته هو ته اعليٰ حضرت هئا، ايترو اهتمام ڪندا هئا، اسان اهڙو اهتمام نٿا ڪري سگھون۔ ياد رکو! نماز اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تي فرض هئي ته اسان تي به فرض آهي۔ نماز جو اهڙو پختو اهتمام ڪرڻ اسان تي به لازِم آهي، سَفر هجي يا حَضَر (يعني سَفَر کان عِلاوه جي حالت)، هر صُورت ۾ نماز فرض