Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

Book Name:Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

دُور ہو جائیں دُنیا کے رنج واَلَم                            ہو عطا اپنا غم دیجئے چشمِ نم

مال ودولت کی کثرت کا طالب نہیں                   تم پہ ہر دم  کروڑوں دُرُود وسلام

(وسائل بخشش، صفحہ:604)

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون     

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَفْضَلُ الْعَمَلِ اَلنِّيَّةُ الصَّادِقَةُ سچي نيت اَفضَل تَرين عَمل آهي۔ (جامع صغیر، صفحہ:81، حدیث:1284)

اي عاشقانِ رسول! هر جائز ڪم کان پهريان سٺيون نيتون ڪرڻ جي عادت بنائڻ گھرجي، ڇوته سٺي نيت انسان کي جنَّت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي۔ بيان ٻڌڻ کان پهريان به سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثال طور نيت ڪريو! * عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دوران سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ڪجھ سفر پڻ عِبادت آهن

سيپاري 20، سوره عنڪبوت، آيت: 20 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

قُلْ سِیْرُوْا فِی الْاَرْضِ فَانْظُرُوْا كَیْفَ بَدَاَ الْخَلْقَ ثُمَّ اللّٰهُ یُنْشِئُ النَّشْاَةَ الْاٰخِرَةَؕ-اِنَّ اللّٰهَ عَلٰى كُلِّ شَیْءٍ قَدِیْرٌۚ(۲۰)

(سيپارو20، سورةالعنڪبوت:20)

ترجمو ڪنزالعرفان: تون فرماءِ زمين ۾ سفر ڪري ڏسو ته الله پهريائين ڪيئن ٿو پيدا ڪري پوءِ الله پيدا ڪندو ٻيهر پيدا ڪرڻ بيشڪ الله سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو.