Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

Book Name:Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

هاڻي ٿورو صورت حال جو تصور ڪري غور ڪريو! هڪ پاسي اهو حال آهي جو ماڻهو اُمِّيد ڇڏي ڪفن پائي چڪا آهن ۽ ٻي پاسي سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه آهن جيڪي قسم کڻي چون ٿا ته اهو جهاز نه ٻڏندو، اهو قسم اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڇو کنيو هو، ان جي وضاحت ڪندي فرمائن ٿا: اهو قسم مون ان حديث جي اطمينان سبب کنيو ته جنهن ۾ ٻيڙي تي سُوار ٿيڻ مهل ٻڏڻ کان حفاظت جي دُعا ارشاد ٿي آهي، مون اها دُعا پڙھي ورتي هئي، لهٰذا حديثِ پاڪ جي سچي وعدي تي مطمئن هئس۔

سُبْحٰنَ الله! قربان وڃو! سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي اهڙي ڪامل يقين تي۔ شايد اهو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي انهيء ڪامل يقين جي برڪت هئي ته اهو طوفان جيڪو 3 ڏينهن کان جارِي هو، ٻن ڪلاڪن ۾ بلڪل رُڪجي ويو ۽ جهاز نجات ماڻي۔ (ملفوظاتِ اعلیٰ حضرت، صفحہ:181)

اَلْبَحْرُ عَلَا وَ الْمَوْجُ طَغٰی،مَنْ بَے کَس و طُوفَاں ہَوْش رُبا

مَنْجْدھار میں ہُوں بِگْڑِی ہے ہَوا، مَوْرِیْ نَیَّا پَار لگا جانا

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي، رسولِ ڪائنات، فخر موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جڏهن ٻانهو اهڙي جڳھ تي هجي جتي ان جو ڪو مددگار نه هجي ۽ ان کي مدد جي حاجت هجي ته ٽي ڀيرا هن طرح پُڪاري: اَعِينُونِي عِبَادَ الله! اَعِينُوْنِي عِبَادَ الله! اَعِينُوْنِي عِبَادَ الله! اي الله جا ٻانهؤ! منهنجي مدد ڪيو! اي الله جا ٻانهؤ! منهنجي مدد ڪيو! اي الله جا ٻانهؤ! منهنجي مدد ڪيو...! بيشڪ الله پاڪ جا ٻانها آهن، جن کي اسان ڏسي نه سگھندا آهيون۔ (جمع الفوائد، کتاب: الأذکار والأدعیۃ، جلد:6، صفحہ:85، حدیث:9403)

 معلوم ٿيو ته جيڪڏهن ڪو شخص سفر دوران ڪنهن مشڪل ۾ هجي، ان کي مدد جي ضرورت پيش اچي ته هو ”رِجَالُ الغَيب (الله پاڪ جي نظر نه ايندڙ ٻانهن مثال طور ملائڪن ۽ اَولياءِ ڪرام) کان مدد گھري ته ان جي مدد ڪئي