Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

Book Name:Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

ويندي۔

سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سفر دوران هن حديثِ پاڪ تي به پابندي سان عمل ڪندا هئا، سفر دوران پاڻ کي ڪا مشڪل پيش ايندي هئي ته الله پاڪ کان دُعا به گھرندا هئا، سرڪارِ عالي وقار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھِ عاليه ۾ اِستِغَاثَه (يعني مدد جي درخواست) به پيش ڪندا هئا ۽ سرڪارِ غوثِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه کان به مدد گھرندا هئا ۽ اَلْحَمْدُ لله! غيب کان سندن مدد ڪئي به ويندي هئي۔

اچو! هن باري ۾ هڪ ايمان افروز حڪايت ٻُڌون ٿا: جيئن سرڪارِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ٻيو ڀيرو جڏهن سَفرِ حج تي روانا ٿيا، رستي ۾ هڪ هنڌ آيو، جنهن جو نالو هو: ڪامران۔ هتي بحري جهاز اچي رُڪيو ۽ ڪجھ ڏينهن اتي قيام ڪيو ويو۔ ان هنڌ اها مشڪل پيش آئي ته سرڪارِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ساٿين کي پيٽ ۾ سور ٿي پيو، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڀاء سندن خدمت ۾ ان بابت عرض ڪيو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايائون: ٿورو ترسو! مان پنهنجي حڪيم کي چوان ٿو۔ اهو چئي سرڪارِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ٻاهر جھنگ ڏانهن نڪتا ۽ حديثِ پاڪ ۾ بيان ٿيل دُعائون پڙھيون ۽ گڏوگڏ سرڪارِ غوثِ اعظم شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بارگاھ مان مدد طلب ڪئي۔

سُبْحٰنَ الله! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جهڙو ڪامِل مُرِيد پنهنجي پِيرِ ڪامِل شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بارگاھ ۾ فرياد ڪري ۽  فرياد ٻُڌي نه وڃي اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي، جيئن اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون کي ٻاهر ايندي شايد 10 منٽ ٿيا هوندا، هاڻي جڏهن گھر ۾ وڃي ڏٺو، اَلْحَمْدُ لله! سڀني کي اهڙو تندُرُست ڏٺو جو ڄڻ مرض هو ئي ڪونه، ان کان پوءِ سڀئي اڍائي، ٽي ميل پيادل هلي سمنڊ جي ڪناري پهتا ۽ جهاز ۾ سُوار ٿي ويا۔ (ملفوظاتِ اعلیٰ حضرت، صفحہ:181)

کہا جس نے یاغَوْث اَغِثْنِیْ تو دَم میں                      ہر آئی مصیبت ٹلی غوثِ اعظم

نہیں کوئی ایسا فریادی آقا                                    خبر جس کی تم نے نہ لِی غوثِ اعظم