Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

Book Name:Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

قائِد اَهلسنت، حضرت عَلَّامه، اَرشدُ القادري صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: غالباً 1320 جو واقعو آهي ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه بيسل پور ۾ مولانا عرفان علي صاحب جي گھر تشريف فرما ٿيا، ۽ ان کي فرمايائون: هن بستي ۾ ڪنهن ولي الله جو مزار شريف آهي؟ عرض ڪيو ويو: هتي ته ڪنهن مشهور ولي الله جي مزار منهنجي نظر ۾ نه آهي۔ فرمايائون: مون کي ولي الله جي خوشبو اچي رهي آهي، مان انهن جي مزار تي فاتحه پڙھڻ ويندس، تڏهن مولانا عرفان علي صاحب عرض ڪيو: هن ڳوٺ جي بلڪل ڪناري تي هڪ قبر آهي، جهنگلي علائقو آهي، هڪ ڪوٺڙي ٺهيل آهي، انهيء ۾ قبر شريف آهي۔ فرمايائون: هلو! پوءِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ان گُمنام مزار ڏانهن تشريف وٺي ويا، پاڻ ان ڪوٺڙي جي اندر وڃي دروازو بند ڪري ڇڏيو ۽ تقريباً مُنو ڪلاڪ (45 منٽ) تائين اندر ئي رهيا۔ سوين ماڻهن جو ميڙ هو۔ اکين ڏٺي شاهدن، خصوصاً مولانا عرفان علي صاحب جو بيان آهي ته ائين خبر پئي ٿي ته ڄڻ ٻه شخص پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا آهن، جڏهن پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ٻاهر تشريف وٺي آيا ته چهري مبارڪ تي جلال هو، رُعبدار آواز ۾ فرمايائون بيسل پور وارؤ! توهان اڃا تائين اونداهي ۾ هئا، هي الله جا زبردست ولي آهن۔ اسلام جا غازي آهن، سهروردي سلسلي مان آهن، انصار قبيلو آهي، غازي ڪمال شاھ انهن جو نالو آهي، انهن شادي ڪانه ڪئي هئي. توهان تي لازم آهي ته انهن کان فيض حاصل ڪندا رهو ۽ انهن جي مزار شريف کي عمده طور تي تعمير ڪيو.

بس! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو اهو فرمائڻ هو ته انهيء وقت ماڻهن جو ميڙ گڏ ٿي ويو ۽ ان ولي الله جي بارگاھ مان ماڻهو فيض ماڻڻ لڳا، هاڻي هو ويران جھنگ ڪجھ ئي ڏينهن ۾ گلزار بڻجي ويو۔ (تجلیات امام احمد رضا، صفحہ:99-100 تجلیات امام احمد رضا، صفحہ:99-100)

سُبْحٰنَ الله! الله پاڪ سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مبارڪ زبان ۾ ڪيترو تاثير رکيو هو...!! پيارا  اسلامي ڀائرو! هن حڪايت مان سيدي اعليٰ