Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

Book Name:Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو اَولياءِ ڪرام سان، انهن جي مزارن سان دِلي لڳاءُ معلوم ٿيو، گڏوگڏ اها به خبر پئي ته الله پاڪ جي نيڪ برگزيده ٻانهن، الله پاڪ جي اَوليائن جي مزارن تي حاضِر ٿيڻ بزرگانِ دِين جو طريقو آهي، ڏسو! سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پاڻ تمام وڏا عالِم، حافِظ، مُحَدّث، مُفَسّر ۽ مفتي آهن، تمام وڏا ڪامل ولي آهن، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جنهن شهر ۾ ويندا هئا، جيڪڏهن اتي ڪنهن بزرگ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مزار هوندو ته وڏي اهتمام سان اتي حاضر ٿيندا هئا۔ هڪ ٻيو مدني گل جيڪو هن حڪايت مان مَعلُوم ٿيو، اهو هي ته سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه بيسل پُور جي ماڻهن کي اُن گمنام بزرگ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي لاءِ مزار شريف بنائڻ جو حڪم ارشاد فرمايو۔ خبر پئي ته! اَولياءِ ڪرام، نيڪ بزرگانِ دين جي مبارڪ قبرن تي گنبد ۽ مزار بنائڻ گھرجي ته جيئن ماڻهن جون دِليون انهن ڏانهن راغِب ٿين ۽ ماڻهو انهن کان فيض حاصِل ڪري سگھن، ها! عام مسلمان جن جي وليُ الله طور سڃاڻپ نه آهي، اُنهن جي قبرن تي مزار بنائڻ دُرُست نه آهي، بلڪ اهڙن جون قبرون ڪچيون رکيون وڃن ته جيئن اَولياءِ ڪرام جي مزارن ۽ عام مسلمانن جي قبرن ۾ فرق ٿي سگھي۔ فتاويٰ رضويه شريف ۾ آهي: عالم سڳورن فَضليت وارن ولين ۽ عالمن جي قبرن تي عِمَارت بنائن جائِز قرار ڏنو آهي ته جيئن ماڻهو انهن جي زيارت ڪن۔ فتاويٰ رضويه شريف ۾ هڪ هنڌ تي هيئن به بيان آهي ته اهڙي ماڻهو (يعني جيڪو وَليُ الله نه آهي، ان) جي قبر کي وَلي جو مزار مڃڻ ۽ ماڻهن کي اتي باسون باسڻ جي ترغيب ڏيڻ، اهو ضرور مَڪاري ۽ ڌوڪو آهي ۽ حديثِ پاڪ ۾ آهي: مَنْ غَشَّنَا فَلَيسَ مِنَّا جيڪو اسان کي ڌوڪو ڏئي اهو اسان مان نه آهي۔

الله پاڪ اسان سڀني کي اَولياءِ ڪرام جي سچي محبت نصيب فرمائي، مزاراتِ اَولياءِ ڪرام تي بااَدب حاضِري جي توفيق نصيب فرمائي۔       اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد