Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

Book Name:Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

قسمت هيئن چمڪي جو منهنجي ملاقات هڪ دوست سان ٿي جيڪو عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي ويو هو۔ ان انفرادي ڪوشش ڪندي مون کي مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي دعوت ڏني، دوست جي ڳالھ نه ٽاري سگھيس ۽ هٿو هٿ 3 ڏينهن جي مدني قافلي جو مسافر بڻجي ويس۔ مدني قافلي ۾ عاشقانِ رسول جي صحبت جي برڪت سان مون کي مقصدِ حيات معلوم ٿيو ۽ پنهنجي گناهن کان شرمساري ٿيڻ لڳي ته زندگي جو وڏو حصو مون الله پاڪ جي نافرماني ۾ گذاري ڇڏيو! منهنجي اکين تان غفلت جو پردو هٽي چڪو هو، منهنجي دلي ڪيفيت ئي بدلجي وئي، مان جڏهن به بيان ٻڌندو هيس ته منهنجي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳندا هئا، ايستائين جو مدني قافلي جي واپسي مهل به مون تي رقت طاري هئي، ڪجھ ڏينهن کان پوءِ مون کي امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي زيارت نصيب ٿي، ڏسندي ئي سندن محبت منهنجي دل ۾ گھر ڪري وئي، مان هٿو هٿ سندن مريد ٿي عطاري بڻجي ويس۔ تمام گناهن کان توبه ڪئي ۽ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ زندگي گذارڻ لڳس۔ (مدنی قافلہ، صفحہ:61-62)

سادگی چاہئے، عاجزی چاہئے                     لینے یہ نعمتیں، قافلے میں چلو

عاشقانِ رسول، آئے سنت کے پھول        دینے لینے چلیں، قافلے میں چلو

(وسائل بخشش، صفحہ:671)

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الْجنَّة جنهن منهنجي سُنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي هو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔ (مشکوٰۃ،ایمان کی کتاب، کتاب وسُنت کو مضبوط تھامنے کا باب، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:175)