Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

Book Name:Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

هن آيت سڳوري جي وضاحت اوهان جي اڳيان پيش ڪرڻ کان پهريان هڪ خوشخبري به عرض ڪندو هلان، اها هي ته سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو قرآن جو اُردو ترجمو ”ڪنز الايمان“، هن ۾ جيئن ته ڪي الفاظ مشڪل هئا، ان کي سمجھڻ ڏکيو هوندو هو، تنهنڪري اسان جي آساني جي لاءِ مڪتبة المدينه الله پاڪ جي پاڪيزه ڪلام، قرآنِ ڪريم جو اُردو زبان ۾ تمام سولو ترجمو ”ڪنز العرفان“ جي نالي سان جارِي ڪيو آهي، الحمد لله! ”ڪنز العرفان“ به اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو ئي فيضان آهي، ڇوته اهو ترجمو ”ڪنز الايمان“ ئي جي مدد سان آسان ڪري لکيو ويو آهي، ”ڪنز العرفان“ الحمد لله! ڇپجي چُڪو آهي، 1250 روپيا هديو ڏئي مڪتبة المدينه جي ڪنهن به شاخ تان طلب ڪري سگھجي ٿو، هينئر جيڪا آيت سڳوري اسان ٻُڌي، هن جو ترجمو به ڪنز العرفان ئي مان پيش ڪيو ويو آهي۔

خير! پيش ڪيل آيت جي تحت تفسير صراط الجنان ۾ آهي: يعني اي حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان فرمايو: توهان زمين تي هلي اڳوڻين قومن جي شهرن ۽ آثار (يعني انهن جي باقِي رهيل نشانن) کي ڏسو ته الله پاڪ مخلوق کي پهريان ڪيئن پيدا ڪري ٿو، پوءِ موت ڏئي ٿو، ته جيئن توهان مشاهدو ڪري الله پاڪ جي فطرت جي عجائبات جي مَعرِفَت حاصِل ڪري سگھو۔ (صِرَاطُ الْجِنان، پارہ:20، العنکبوت، تحت الآیۃ:20، جلد:7، صفحہ:362بتغیر قلیل)

اي عاشقانِ رسول! هن آيت مان معلوم ٿيو ته الله پاڪ جي مَعرِفت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ان جي قدرت جي نظارن ۽ عجائبات جي سير ڪرڻ به عبادت آهي۔

مشهور مفسرِ قرآن، حڪيم الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ”تفسير نعيمي“ جلد: 7، صفحي: 250 تي لکن ٿا: زمين ۾ سفر ڪرڻ مُبَاح (يعني جائِز) آهي بلڪ سفر جو حڪم، مقصد جي حڪم سان وابسته آهي، حرام ڪم جي لاءِ سَفر حرام آهي، فرض ڪم جي لاءِ سفر فرض آهي، سُنَّت ڪم جي لاءِ سفر سُنّت آهي۔ چوري ڌاڙي جي لاءِ سَفَر حرام آهي، حج فرض جي