Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

Book Name:Ala Hazrat Ka Andaz e Safar

مرڪي رهيو آهي، هاڻي سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مُجَدِّدانه جلال سان فرمايائون: الله پاڪ جيڪڏهن اهڙا مصطفى رضا هزار به عطا فرمائي ته به خدا جو قسم، انهن سڀني کي شريعت مطهره تي قربان ته ڪري سگهان ٿو پر شريعت مطهره تي ڪو حرف اچڻ نه ڏيندس. وري فرمايائون مجذوب ته فقير وٽ اصلاح لاءِ تشريف کڻي ايندا آهن ۽ هي ڪم فقير جي حوالي آهي، اهو مَجۡذُوب بزرگ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه زمين جي سير ڪري چڪو هو. هاڻي آسمان جو سير ڪرڻ وڃي رهيو هو. تنهن ڪري ان کي نظر جي ضرورت هئي. جنهن سان حضور شهنشاھ ڪونين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا اختيارات آسمان تي به ڏسي وٺي. ان لاءِ فقير وٽ آيو، الحمد لله کيس اها نظر عطا ڪئي وئي آهي.

هن واقعي کي اڃا ڪجھ دير ئي گذري هئي جو اهو مَجۡذُوب بزرگ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ٻيهر حاضر ٿيو ۽ اڳتي وڌي خوشي مان اعلى حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ڀاڪر پائي پيشاني کي چُمي ڏئي چيائين، خدا جو قسم! جهڙي طرح حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حڪومت زمين تي آهي، اهڙي طرح آسمان تي به، هر جڳهه، هر شيءِ تي حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حڪومت ڏسي رهيو آهيان، الحمد لله توهان جي طفيل، هاڻي آسمان تي به مون کي حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حڪومت نظر اچي رهي آهي۔ (تجلیات امام احمد رضا، صفحہ:49)

جانتے تھے تجھے قُطْب و اَبدال سب                         کرتے تھے مجذوب وسالک اَدَب

تیری چوکھٹ پہ خَمْ اَہلِ دل کی جبین                     سیِّدی مرشِدی شاہ اَحمد رضا

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! هن حڪايت ۾ جتي سرڪارِ عالي وقار، مديني جي تاجدارصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حڪومت و اختيارات جو بيان آهي، گڏوگڏ اهو به معلوم ٿيو ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جيئن ته تمام وڏا وَلِيُ الله هئا، لهٰذا پاڻ به وڏن وڏن ولي سڳورن جيان هڪ هنڌ ويٺي ويٺي ئي زمين و آسمان ۾ سَفَر بِالقَلۡب (يعني