Teen Psandida Sifat

Book Name:Teen Psandida Sifat

پڙھندا آهن، نه ملي ته مَعَاذَ الله! نمازون قضا ڪندا آهن، ڪيترا اهڙا آهن جيڪي مسجد ۾ ايندا ته نمازون پڙھڻ آهن پر غيبتون ڪري، چغليون ڪري، مسجد جي بي ادبي ڪري، مسجد ۾ دُنياوي ڳالھيون ڪري گُنَاهن جي ڀَري مٿي تي کڻي واپس موٽندا آهن، * روزو به حقيقت ۾ اهو ئي رکي سگھي ٿو جنهن جي دِل ۾ تقويٰ آهي، نه ته ڪيترا ئي روزي دار اهڙا آهن جيڪي روزي ۾ ٽائم پاس جي نالي تي فضوليات ۾ مشغول هوندا آهن، بلڪه ڪيئي ته روزو رکي گُنَاھ ڪرڻ کان به ناهن مُڙندا، * حج به حقيقت ۾ اهو ئي ڪندو آهي جنهن جي دِل ۾ تقويٰ آهي، نه ته ڪيئي اهڙا آهن جيڪي طواف دوران به رڳو سيلفيون ڪڍڻ ۾ مَشغول رهن ٿا، اهڙي طرح صدقو، خيرات، غريبن جي مدد، ٻين سان نيڪ سلوڪ وغيره اهي سمورا نيڪ عمل حقيقت ۾ اهو ئي ڪري سگھي ٿو جنهن جي دِل ۾ تقويٰ هجي، نه ته ڪيترائي اهڙا آهن جيڪي نيڪي ڪري به ثواب ضايع ڪري ڇڏيندا آهن، ڪڏهن رياڪاري ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن، ڪڏهن صدقو ۽ خيرات ڪري احسان جتائڻ لڳندا آهن۔

مطلب ته حقيقت ۾ نيڪو ڪار اهو ئي آهي جنهن جي دِل ۾ تقويٰ آهي۔ حضرت ابراهيم تيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مان موت کي ياد ڪرڻ جي لاءِ ڪثرت سان قبرستان ۾ ويندو هئس، هڪ رات قبرستان ۾ هئس ته مون کي ننڊ اچي وئي ۽ مان سمهي پيس، مون خواب ڏٺو: هڪ کليل قبر آهي ۽ ڪو چوڻ وارو چئي رهيو آهي: اها زنجير پڪڙيو ۽ ان جي وات ۾ داخِل ڪري هيٺان کان ڪڍو۔ ان تي اهو مُردو چوڻ لڳو: يا الله پاڪ! ڇا مان قرآن نه پڙھندو هئس؟ ڇا مان تنهنجي حُرمت واري گھر جو حج ڪونه ڪندو هئس؟ پوءِ هو اهڙي طرح هڪ کان پوءِ ٻي نيڪي ڳڻائڻ لڳو ته هڪ چوڻ واري ان کي پُڪاري چيو: تون ماڻهن جي اڳيان اهي عمل ڪندين هئين پر جڏهن تون تنهائي ۾ هوندو هئين ته نافرمانين جي ذريعي مون سان جنگ جو اعلان ڪندو هئين۔

ہوں بظاہر بڑا نیک صُورت       کر بھی دے مجھ کو اب نیک سیرت