Book Name:Teen Psandida Sifat
ظاہِر اچھا ہے، باطِن بُرا ہے یاخُدا! تجھ سے میری دُعا ہے([1])
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
آخرت جي تقسيم تقويٰ تي ڪئي وئي آهي
تَصَوُّف جي مشهور ڪتاب ”رِسَالَه قُشَيرِيه“ ۾ آهي، حضرت شيخ ڪتَّانِي
رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: دُنيا جي تقسيم آزمائش تي ڪئي وئي آهي ۽ آخرت جي تقسيم تقويٰ تي ڪئي وئي آهي۔ (رسالہ قشیریہ، تقویٰ کا بیان، صفحہ:219) يعني دُنيا ۾ عِزَّت، مان مرتبو، بلندي، ترقي، ڪاميابي اُن کي ملندي آهي جيڪو گھڻي محنت ڪري ٿو جڏهن ته آخرت ۾ بلند درجات، وڌيڪ عِزَّت، وڌيڪ مقام ۽ مرتبو ان کي ملندو جيڪو وڌيڪ تقويٰ وارو هوندو۔ جيئن سيپاري: 12، سوره هود، آيت: 49 ۾ ارشاد آهي:
اِنَّ الْعَاقِبَةَ لِلْمُتَّقِیْنَ۠(۴۹) (پاره12،سورةھود:49)
ترجمو ڪنزالايمان: بيشڪ چڱي پڇاڙي پرهيزگارن جي لاءِ آهي.
هڪ هنڌ الله پاڪ جنّت جي باري ۾ ارشاد فرمائي ٿو:
اُعِدَّتْ لِلْمُتَّقِیْنَۙ(۱۳۳) (پاره4،سورةآل عمران:133)
ترجموڪنزالايمان: اها پرهيزگارن لاءِ تيار ڪئي وئي آهي.
سُبحٰنَ الله! معلوم ٿيو الله پاڪ جنَّت بڻائي ئي تقويٰ وارن جي لاءِ آهي، لهٰذا جيڪو گھڻو متقي هوندو، ان کي جنّت ۾ وڌيڪ بلند درجات نصيب ٿيندا، ان کي گھڻيون نعمتون ملنديون۔
تقويٰ بابت مزيد فضيلتون ۽ فائدا
حُجَّة الاِسلَام امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تقويٰ جا فائدا بيان