Book Name:Teen Psandida Sifat
ڪندي فرمائن ٿا: * تقويٰ وارا اهي آهن جن جي واکاڻ الله پاڪ ڪندو آهي * تقويٰ وارا اهي آهن جن جي الله پاڪ دُشمنن کان حفاظت فرمائيندو آهي * تقويٰ وارن کي الله پاڪ جي طرفان خصوصي تائيد ۽ نُصرت ملندي آهي * تقويٰ وارن کي اُنهن جي تقويٰ جي برڪت سان دُنيا ۾ حلال رزق نصيب ٿيندو آهي۔ * تقويٰ جي برڪت سان عملن جي اِصلاح ٿي ويندي آهي * تقويٰ جي برڪت سان گُنَاھ مُعَاف ٿيندا آهن * تقويٰ جي برڪت سان نيڪيون قبول ٿينديون آهن * تقويٰ وارا آخرت جي هولناڪين کان محفوظ رهندا۔ * تقويٰ وارا الله پاڪ جا محبوب ٻانها آهن۔ * تقويٰ وارا الله پاڪ جي بارگاھ ۾ وڌيڪ عزت وارا آهن۔ * تقويٰ وارن کي موت جي وقت الله پاڪ جو ديدار نصيب ٿيندو آهي۔ * تقويٰ وارن کي موت جي وقت عذابِ آخرت کان نجات جي بشارت ڏني ويندي آهي۔ * تقويٰ وارا جهنّم کان محفوظ رهندا۔ * تقويٰ وارا هميشه هميشه جنّت ۾ رهندا۔ (منہاج العابدین، صفحہ:144تا148)
ہو اخلاق اچھا، ہو کردار ستھرا مجھے متقی تو بنا یااِلٰہی!([1])
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
هڪ ڏينهن امير المؤمنين حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه حضرت ڪعبُ الاَحبَار رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي فرمايو: اي ڪعب! ٻڌايو تقويٰ ڇا آهي؟ حضرت ڪعبُ الاَحبَار رَضِىَ اللهُ عَنۡه عرض ڪيو: اي امير المؤمنين! ڇا اوهان ڪڏهن اهڙي راھ تان گذريا آهيو جتي ڪنڊيدار جھاڙيون هجن؟ امير المؤمنين حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جن فرمايو: ها، بلڪل منهنجو اهڙين راهن تان گذر ٿيو آهي۔ حضرت ڪعب رَضِىَ اللهُ عَنۡه چيو: تڏهن اوهان اهڙين راهن تان ڪيئن گذرندا آهيو؟ ارشاد فرمايائون: مان ڪنڊن کان بچندو آهيان ۽ پنهنجا ڪپڙا سنڀالي وٺندو آهيان۔