Teen Psandida Sifat

Book Name:Teen Psandida Sifat

سگھجي ٿي، مثال طور * هر هفتي، شيخ طريقت امير اهلسنت، حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري، ضيائي دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن، هن ۾ سڄي دُنيا کان عاشقان رسول پاڻ دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه کان مختلف موضوعن تي سُوال پڇندا آهن ۽ پاڻ پنهنجي عِلم ۽ تجربي جي روشني ۾ انهن جا جواب ارشاد فرمائيندا آهن ۽ باريڪ علمي نڪتا بيان ڪندا آهن. ايئن سمجھو ته ”مدني مذاڪرو“ عِلمِ دين حاصل ڪرڻ جي لاءِ weekly هڪ ڪلاس آهي ۽ اها ڪلاس دورِ حاضِر جي عظيم علمي ۽ رُوحاني شخصيت، شيخ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه پڙھائيندا آهن. لهٰذا پابندي سان مدني مذاڪري ۾ شرڪت جي عادت بڻايو، ڊائري، قلم وغيره پاڻ سان گڏ رکو، شيخ طريقت امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جيڪي مدني گل ارشاد فرمائن، لکي پاڻ وٽ محفوظ ڪريو، اهڙي طرح آهسته آهسته انشاء الله گناهن بابت تمام گهڻي معلومات گڏ ٿي ويندي۔ * اهڙي طرح مڪتبة المدينه جا ڪيئي ڪتاب آهن، مثال طور جهنم ميں لے جانے والے اعمال ٻن جلدن تي مشتمل ڪتاب آهي، ” گناهوں کے عذابات“ مختصر پر جامع ڪتاب آهي، هن ۾ 52 گناهن جو ذڪر آهي ۽ هن ۾ هر گُنَاھ جي وصف، ان جي باري ۾ قرآني آيت ۽ حديث، ان گُنَاھ جو حڪم، اُن گناھ ۾ پوڻ جا سبب ۽ بچڻ جا طريقا پڻ لکيل آهن۔ اهڙي طرح مڪتبة المدينه جا ٻيا ڪتاب مثال طور * 76 ڪبيره گُنَاه * گناهوں کی نحوست * نیکیوں کی جزائيں گُنَاہوں کی سزائيں * مڪاشفة القلوب وغيره، اهي ڪتاب مڪتبة المدينه تان حاصِل ڪيا وڃن يا دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان ڊاؤنلوڊ ڪيا وڃن ۽ هدف مقرر ڪري انهن جو مطالعو ڪيو وڃي۔

گُنَاهن جي معلومات جو هڪ طريقو اهو به آهي ته دار الافتاء اهلسنت جو نمبر پاڻ وٽ محفوظ ڪري وٺو، جڏهن به ڪو اَهم ڪم ڪرڻ لڳو، ڪنهن مُعَاملي ۾ گُنَاھ هئڻ جو شڪ ٿئي يا ڪنهن غير شرعي ڪم ۾ پوڻ جو انديشو هجي ته دار الافتاء اهلسنت کان يا ڪنهن به عاشقِ رسول مفتي صاحب کان