Teen Psandida Sifat

Book Name:Teen Psandida Sifat

رابطو ڪيو وڃي۔ الحمد لله! دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊپارٽمنٽ دارالافتاء اهلسنت موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، پنهنجي اسمارٽ فون تي اها ايپلي ڪيشن انسٽال ڪريو، وقت بوقت هن ۾ ڏنل فتوائن جو مطالعو ڪندا رهو، اِن شَآءَالله! گھڻو عِلمِ دين سکڻ لاءِ ملندو ۽ گڏوگڏ گُنَاهن جي معلومات به حاصِل ٿي ويندي۔

باقي  رهي ”دِل ۾ گُنَاھ جي نفرت“ اها ڪيئن ملندي؟ ان جي لاءِ امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ زبردست نسخو ارشاد فرمايو آهي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا تقويٰ حاصِل ڪرڻ جي صُورت اها آهي ته پنج عضوئن جي خصوصيت سان نگراني ڪئي وڃي۔ اهي پنج عضوا هي آهن:

(1): اک (2): ڪن (3): زبان (4): پيٽ ۽ (5): دِل (منہاج العابدین، صفحہ:162)

يعني اک کي گُنَاهن مثلاً فلمن ڊرامن وغيره کان بچايو وڃي، ڪنن کي گُنَاهن کان مثلاً گانا ٻڌڻ، غيبت ٻڌڻ، فحش ڳالھين وغيره ٻڌڻ کان بچايو وڃي، زبان کي غيبت، چغلي، ڪوڙ وغيره کان بچائجي، پيٽ ۾ حرام گرھ نه وڃڻ ڏيو، اهڙي طرح دِل کي حَسَد، تڪبر، خود پسندي، رياڪاري وغيره کان بچائي رکو ته اِن شَآءَ الله! آهسته آهسته دِل صاف ٿيندي، دِل جي مير لهندي ۽ دِل ۾ گُنَاهن کان نفرت پيدا ٿي ويندي۔

   جيڪڏهن اسان اهي ٻه ڪم ڪري وٺون، گُنَاهن جي باري ۾ معلومات حاصِل ڪندا رهون، پنهنجي عضوئن کي گُنَاهن کان بچائي دِل ۾ گُنَاهن کان نفرت پيدا ڪرڻ ۾ به ڪامياب ٿي وڃون ته اِن شَآءَ الله! اسان کي تقويٰ جي دولت نصيب ٿي ويندي۔

ہو اخلاق اچھا، ہو کردار ستھرا       مجھے متقی تو بنا یااِلٰہی! ([1])

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                                                                    صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:104۔