Teen Psandida Sifat

Book Name:Teen Psandida Sifat

منقول آهي؛ الله پاڪ جي نبي حضرت عيسيٰ عَلَيه السَّلَام کان سندن حَوَّارين (يعني ساٿين) پڇا ڪئي: اي رُوحُ الله عَلَيه السَّلَام! ڇا سبب آهي جو اوهان پاڻي تي ايئن هلو ٿا جيئن اسان زمين تي هلون ٿا پر اسان ۾ اهڙي طاقت ناهي؟ حضرت عيسيٰ عَلَيه السَّلَام حَوَّارين کي فرمايو: دِرهم ۽ دِينار (يعني سون ۽ چاندي) جي باري ۾ توهان جي راءِ ڇا آهي؟ حَوّارين عرض ڪيو: تمام قيمتي شيون آهن۔ ارشاد فرمايائون: ڪنڪرن، پٿرن جي باري ۾ ڇا چئو ٿا؟ عرض ڪيائون: ڪنڪر ۽ پٿر بي قيمت شيون آهن۔ حضرت عيسيٰ عَلَيه السَّلَام جن فرمايو: جڏهن توهان وٽ اهي ٻئي شيون برابر ٿي وينديون ته توهان ۾ به پاڻي تي هلڻ جي طاقت اچي ويندي.

سُبحٰنَ الله! اهو آهي اَصل غِنا ۽ هي اها وَصف آهي جو جنهن شخص ۾ اها وَصف موجود هجي الله پاڪ ان شخص کان محبت فرمائي ٿو۔

هاڻي اهو غِنا اسان کي ڪيئن حاصِل ٿئي؟ هن جو هڪ طريقو ته اهو آهي ته ٻانهو الله پاڪ جي خالق ۽ رازِق ۽ مالِڪ هئڻ تي دِل سان مطمئن ٿي وڃي۔ حديث پاڪ ۾ آهي: جيڪو سڀ کان وڏو غني بڻجڻ چاهي ٿو، ان کي گھرجي ته پاڻ وٽ موجود مال ۽ اسباب جي بدران الله پاڪ جي خزانهءِ قُدرت تي وڌيڪ ڀروسو رکي.

معلوم ٿيو جيڪڏهن اسان الله پاڪ جي خزانهءِ قُدرت تي ڪامِل ڀروسو رکون ته اِن شَآءَ الله! اسان کي غِنَا جي دولت نصيب ٿي ويندي۔ اسان وٽ مال آهي ته به اُن تي ڀروسو نه هجي بلڪه الله پاڪ تي ڀروسو هجي، مال جو ڪهڙو ڀروسو، اهو اڄ آهي، ٿي سگھي ٿو سڀاڻي نه هجي۔ * اهڙي طرح غربت اچي وئي، ڪا ڳالھ ناهي، الله مالِڪ آهي * ڪاروبار ختم، ڪا ڳالھ ناهي، الله مالِڪ آهي * گھر ۾ کائڻ لاءِ ڪجھ نه آهي، ٻار بکايل آهن، ڪا ڳالھ ناهي الله مالِڪ آهي * پريشاني اچي وئي، الله مالِڪ آهي، * مشڪل اچي وئي، الله مالِڪ آهي، * نوڪري ناهي مِلي رهي، الله مالِڪ آهي۔ اهڙي طرح ٻانهي جا