Teen Psandida Sifat

Book Name:Teen Psandida Sifat

سُبحٰنَ الله! اي عاشقان رسول! بيان ڪيل حديثِ پاڪ مان گمنامي پسند ڪرڻ واري شخص جي شان جو اندازو ڪريو! اسان جي آقا ۽ موليٰ، مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان ڪري فرمايو: اِنَّ اَغْبَطَ اَوْلِیَائِیْ   منهنجو قابِل رَشڪ دوست.

اللہ کا محبوب بنے جو تمہیں چاہے    اس کا تو بیاں ہی نہیں کچھ تم جسے چاہو([1])

جنهن جي دِل ۾ مدني آقا، محبوب خدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبت سمائجي وڃي، اهو الله پاڪ جو محبوب بڻجي ويندو آهي ته جن کي حُضور، جانِ ڪائنات، فخرِ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجو دوست فرمائن بلڪه دوست به نه اَغبَطَ اَولِيائِي سڀ کان قابِلِ رَشڪ دوست چَوَن، ان جي شان ۽ عظمت جي ڇا ڳالھ ڪجي؟ ۽ ڏسو! سردارِ انبياء، محبوب خدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو سڀ کان قابِلِ رَشڪ دوست ڪير آهي؟ اهو جيڪو گمنامي کي پسند ڪري ٿو۔

هاڻي هڪ پاسي ته پياري آقا، محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو اهو فرمان آهي ۽ ٻي پاسي اسان پنهنجي حالت به ڏسون، افسوس! اَفسَوس...!! اڄڪلھ سستي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ ڄڻ ته رَيس لڳل آهي، ڇا شهري، ڇا ڳوٺاڻو، ڇا ننڍو، ڇا وڏو، هڪ تعداد آهي جيڪو سٺي کان سٺي سيلفي بڻائي سوشل ميڊيا جي ذريعي شهرت حاصِل ڪرڻ ۾ رُڌل آهي، ڪي ته فُضُول ۽ ڪي گُنَاهن ڀري ويڊيوز بڻائي پاڻ کي مشهور ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن، افسوس! اسان ڪپڙا خريد ڪيون ته اهو ذهن رکي ته اهڙا ڪپڙا هجن ته جيڪو ڏسي بَس واھ واھ ئي ڪندو رهي، خوشبو خريد ڪيون ته اهڙي جو بَس لڳائي جتان کان هڪ ڀيرو گذرون ته اهي فضائون مهڪجي اُٿن، افسوس! اسان پيرن ۾ پائڻ لاءِ جوتا پسند ڪرڻ ۾ به ان ڪري ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳائيندا آهيون جو اهڙو جوتو هجي جو جيڪو ڏسي بس حيرت ئي ڪندو رهي۔ شادِي جو موقعو هجي ته


 

 



[1]...ذوقِ نعت، صفحہ:206۔